ملير: بيگ مان هٿ آيل لاش جي سڃاڻپ ٿي وئي

0
199
ملير: بيگ مان هٿ آيل

ملير (ن پ ا) هڪ هفتو اڳ پورٽ قاسم موڙ ويجهو بيگ مان هٿ آيل لاش جي سڃاڻپ ٿي وئي, پوليس چيو آهي ته مقتولا عورت جي سڃاڻپ بايو ميٽرڪ ذريعي زرينه ڌيء غلام عباس جي نالي طور ٿي آهي، مقتولا جو اصل تعلق فيصل آباد سان آھي

پوليس موجب ناري پنهنجي اصل پيءُ جي نالي بدران فرضي نالي سان شناختي ڪارڊ ٺھرائي شادي ڪئي هئي

ناري جي پهرين شادي 2019 ۾ لاهور واسي افضل نالي شخص سان ٿي جنهن کان عليحدگي بعد 2020 ۾ محبوب جاگيراڻي نالي شخص سان شادي ٿي هئي