سيده نه آهيان، عامر لياقت جي چوڻ تي نالي اڳيان سيده لڳايو: دانيه

0
272
سنڌ هاءِ ڪورٽ دانيه شاهه

ڪراچي (م ڊ) قومي اسيمبلي جي ميمبر عامر لياقت جي ٽئين گهرواري دانيه ملڪ شادي جي خاتمي لاءِ درخواست داخل ڪرائڻ کانپوءِ مڙس تي الزامن جو سلسلو جاري آهي

هاڻي دانيه هڪ ٻيو انڪشاف ڪندي چيو آهي ته هوءَ سيده ناهي پر ملڪ ذات سان تعلق رکي ٿي، دانيه شاهه انسٽاگرام اسٽوري ذريعي چيو ته اڄ مان توهان کي ٻڌائڻ چاهيان ٿي ته مان سيده نه پر ملڪ آهيان

سيده لکڻ جو حوالو ڏيندي دانيه چيو ته مون کي عامر لياقت چيو هو ته مان پنهنجي نالي اڳيان سيده لکان، مون کيس گهڻي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، سمجهائڻ چاهيو ته هي غلط ڳالهه آهي، سڀاڻي تمام گهڻا مسئلا ٿيندا پر هن چيو ته اهو منهنجو مسئلو آهي

دانيه وضاحت ڪندي چيو ”توهان سڀ ڏسي سگهو ٿا ته منهنجي نڪاح جي سند تي سيده جي بدران ملڪ لکيل آهي.

ياد رهي ته دانيه ملڪ پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي پنهنجي نالي سان گڏ عامر لياقت جو نالو به هٽائي ڇڏيو آهي

ھي به پڙھندا

عامر لياقت نشو ڪري تشدد ڪندو هو، ڪمري ۾ بند ڪري رکندو هو : دانيا شاهه