عامر لياقت نشو ڪري تشدد ڪندو هو، ڪمري ۾ بند ڪري رکندو هو : دانيا شاهه

0
613
عامر لياقت نشو ڪري

ڪراچي (شوبز نيوز) سوشل ميڊيا تي آيل خبرن موجب قومي اسيمبلي ميمبر، ٽي وي ميزبان ۽ اسڪالر عامر لياقت حسين جي ٽين گهر واري دانيا شاهه مبينا طور خلع لاءِ عدالت ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي. ٽوئيٽر تي ڪيترن ئي صحافين ۽ واهپيدارن سيده دانيا شاهه طرفان پنجاب صوبي جي شهر بهاولپور جي عدالت ۾ داخل ڪيل درخواست ڪاپي شيئر ڪندي دعويٰ ڪئي آهي ته عامر لياقت جي ٽين زال به خلع لاءِ عدالت سان رابطو ڪري ورتو

درخواست ۾ هن عامر لياقت کان 11 ڪروڙ 51 لک 50 هزار رپين جو حق مهر به ڏيارڻ جو مطالبو ڪيو آهي. درخواست ۾ دانيا شاهه عدالت کان عامر لياقت کان ماهوار هڪ لک رپيا به ڏيارڻ جي درخواست ڪئي آهي. هن درخواست ۾ ڪراچي جي علائقي خداداد ڪالوني ۾ 11 ڪروڙ رپين جي گهر، 45 لک رپين جي گاڏي ۽ چار لک رپين جا زيور ۽ ٻيون شيون ڏيارڻ جي به استدعا ڪئي آهي.اهڙي ڪاپي شيئر ڪري دعويٰ ڪئي پئي وڃي ته عامر لياقت جي زال خلع لاءِ عدالت سان رابطو ڪيو آهي. ٻئي پاسي هڪ وڊيو پڻ گردش ۾ آهي، جنهن ۾ دانيا شاهه تصديق ڪري ٿي ته هوءَ عامر لياقت کان ڌار ٿيڻ لاءِ عدالت وئي هئي

هوڏانهن هڪ نجي چئنل سان ڳالهائيندي سيده دانيا شاهه عامر لياقت تي الزام لڳائيندي دعويٰ ڪئي آهي ته هو چار چار ڏينهن تائين ڪمري ۾ بند ڪري رکندو هو ۽ کاڌو به نه ڏيندو هو. هن دعويٰ ڪئي ته عامر لياقت هن کي سڄي سڄي رات جاڳائي ذليل ۽ خوار ڪندو هو، هن الزام لڳايو ته عامر لياقت مٿس تشدد ڪيو، هن جو گلو دٻايو ۽ گولي هڻڻ جي ڌمڪي به ڏني، جڏهن ته ميڊيا جي ڪا ڳالهه خراب لڳڻ تي اهو مون مٿان ڪاوڙ ڪندو هو.