ملتان(م ڊ) شاهه محمود قريشي جي ڌيءَ کي ٽڪٽ ملڻ تي پي ٽي آءِ ۾ ڏار پئجي ويا آهن جڏهن ته پي ٽي آءِ ڪارڪن معاملي تي سراپا احتجاج بڻيل آهن. مهربانو قريشي کي ٽڪٽ ملڻ کانپوءِ معاملو سوشل ميڊيا تي پڻ بحث هيٺ آهي. پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن مهربابو قريشي کي ٽڪيٽ ملڻ خلاف اليڪشن ڪميشن آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو به ڪيو جنهن ۾ ڪارڪنن نعريبازي به ڪئي. هنن مقامي ڪارڪن کي ٽڪيٽ ڏيڻ جو مطالبو ڪيو. پي ٽي آءِ ڪارڪن انجنيئر وسيم عباس چيو ته پارٽي ٽڪيٽ نه ڏني ته آزاد حيثيت سان چونڊن ۾ بيهندس. ٻئي طرف پ پ اميدوار قاسم گيلاني جي حمايت ۾ ن ليگ جي اميدوار عبدالغفار ڊوگر فارم جمع نه ڪرايا آهن، هن اهو فيصلو وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي ڪيو کيس وزيراعظم جو صلاحڪار مقرر ڪيو ويندو.