ڪراچي (رپورٽ: دودوچانڊيو )سنڌ اسيمبلي پاران ڀارتي حڪومت پاران 3 سال اڳ والاريل ڪشمير ۽ ڄمون جي خاص حيثيت ختم ڪرڻ واري عمل خلاف ۽ ڪشميرين سان يڪجهتي وارو ٺهراءُ منظور ڪيو ويو، اجلاس دوران يونيورسٽي آف هيلٿ سائنسز ترميمي بل سميت 4 سرڪاري بل پڻ گڏيل راءِ سان پاس ڪيا ويا، ڪالهوڪي اجلاس ۾ پ پ ايم پي اي شرميلا فاروقي ۽ پي ٽي آءِ ايم پي اي سعيد آفريدي پاران ڀارتي حڪومت پاران 3 سال اڳ والاريل ڪشمير ۽ ڄمون جي خاص حيثيت ختم ڪرڻ خلاف ۽ ڪشميرين سان يڪجهتي وارو پيش ڪيل ٺهراءِ اتفاق راءِ سان منظور ڪيو ويو، ٺهراءُ ۾ چيو ويو ته 5 آگسٽ تي ڀارتي سرڪار ڪشمير جي خاص حيثيت ختم ڪري غيرقانوني قدم کنيو، ڀارتي سرڪار جي اهڙي قدم تي ڪشميري  پوري دنيا جي نظر جا منتظر آهن.  ٺهراءَ موجب مودي سرڪار جي  اهڙي قدم سان ڪشميرين کي اقليت ۾ تبديل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڀارت جي اصل ايجنڊا بي نقاب ٿي آهي، ٺهراءُ موجب پوري پاڪستان جيان سنڌ اسيبمبلي جو ايوان ۽ سنڌ جا ماڻهو ڪشميري ڀائرن سان گڏ بيٺل آهن، مودي سرڪار والاريل ڪشمير کي دنيا جي وڏي جيل ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، جتي انساني حقن جي کليل ڀڃڪڙي ڪري  بيگناهه نوجوانن کي شهيد ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته گڏيل قومن جو ادارو خاموش آهي. اجلاس ۾ متحده جي ايم پي اي صداقت حسين ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي چيو ته ڪراچي جي ڪاليجن ۾ آرٽس گروپ جي داخلا کي ڇو ختم ڪيو ويو آهي؟ جنهن جي موٽ ۾ تعليم واري وزير سردار شاهه چيو ته ڪراچي جي ڪاليجن ۾ گذريل سال 96 هزار شاگردن داخلا ورتي، جڏهن ته هيل ڏيڍ لک شاگرد داخلائون وٺي سگهندا، ڪراچي جي 150ڪاليجن ۾ آرٽس گروپ جي شاگردن کي داخلائون ڏنيون پيون وڃن، شاگردن جي رش سبب آرٽس گروپ جا ڪلاس شام جي شفٽ ۾ هلندا،  اجلاس دوران  يونيورسٽي آف هيلٿ سائنسز ترميمي بل سميت 4 سرڪاري بل پڻ  گڏيل راءِ سان پاس ڪيا ويا، جنهن کانپوءِ وقتي اسپيڪر اجلاس اڻ ڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.