حيدرآباد (بيورو رپورٽ) محرم الحرام ۽ عاشوري دوران مذهبي ڏڦيڙ پکيڙيندڙن خلاف ڪارروائي لاءِ ايس ايس پي فيڊرل انويسٽيگيشن ايجنسي کي خط لکي ڇڏيو آهي. امجد احمد شيخ پاران ڊپٽي ڊائريڪٽر ايف آءِ اي کي لکيل خط ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته گذريل سال شهر ۾ سوشل ميڊيا ذريعي محرم الحرام دوران مذهبي ڏڦيڙ پکيڙڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي پر حيدرآباد پوليس جامع حڪمت عملي سان معاملي کي حل ڪيو هو ان ڪري خدشو آهي ته يومِ عاشور جي ڏينهن ٻيهر ڪٿي ناخوشگوار واقعو پيش نه اچي ان لاءِ ايف آءِ اي هر ڪلاڪ دوران سوشل ميڊيا کي مانيٽرنگ ڪري ته جيئن يوٽيوب، فيسبڪ، واٽس ايپ توڙي ٽوئيٽر ۽ ٻين معلوماتي هنڌن تي شرپسند ماڻهو اهڙي قسم جا ڪا حرڪت نه ڪن ان لاءِ ضروري آهي ته اڳواٽ اهڙي قسم جا اپاءُ ورتا وڃن ته جيئن شرپسند عناصرن خلاف اثرائتي ڪارروائي به ٿي سگهي ۽ گڏوگڏ مذهبي انتشار کي به روڪي سگهجي. ايس ايس پي پاران لکيل خط جون ڪاپيون ڊي آءِ جي حيدرآباد، ڪمشنر حيدرآباد، ڊپٽي ڪمشنر ۽ ايس ايس پي اسپيشل برانچ ڏانهن به اماڻيون ويون آهن. ٻئي پاسي ذريعن موجب خط کانپوءِ ايف آءِ اي به تحرڪ ورتو آهي.