اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن چوڌري شجاعت کي ق ليگ جو صدر ۽ طارق بشير چيما کي سيڪريٽري جنرل برقرار رکڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، چوڌري شجاعت پارٽي چونڊون روڪرائڻ لاءِ ڪميشن ۾ درخواست داخل ڪئي هئي، ٻڌڻي دوران چوڌري شجاعت جي وڪيل چيو ته  پارٽي جي مرڪزي ورڪنگ ڪاميٽي جي غيرقانوني اجلاس ۾ صدر ۽ جنرل سيڪريٽري کي هٽايو ويو، پارٽي ۾ ورڪنگ ڪاميٽي جو وجود ئي ناهي، پارٽي جو صدر ۽ جنرل سيڪريٽري برقرار آهن، سينٽرل ورڪنگ ڪاميٽي وٽ صدر ۽ سيڪريٽري جنرل کي هٽائڻ جو ڪو اختيار ناهي، پارٽي جو صدر عهدي تان رڳو استعيفا ڏئي هٽي سگهي ٿو، اليڪشن ڪميشن ق ليگ جي سربراهه چوڌري شجاعت جي درخواست تي ق ليگ جي انٽراپارٽي چونڊن کي روڪڻ جي به هدايت ڪئي، ٻڌڻي دوران چوڌري شجاعت جو پٽ چوڌري سالڪ حسين ۽ ٻيا اڳواڻ به اليڪشن ڪميشن ۾ موجود هئا،  مسلم ليگ (ق) جي آخري چونڊ جنوري 2021ع ۾ ٿي جنهن ۾ سمورا عهديدار بنا مقابلي ڪامياب ٿيا، پارٽي جي مرڪزي چونڊ هر پنجن سالن بعد ٿيندي آهي، چيف اليڪشن ڪميشنر ريمارڪس ڏيندي چيو ته اليڪشن ڪميشن جي ان درخواست تي فيصلي تائين ق ليگ جي پارٽي جو اسٽيٽس برقرار رهندو. ڪميشن درخواست تي ٻڌڻي 16 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.