ملاڪاتيار (ن پ ا) بلڙي شاه ڪريم ۾ مک چوڪ شهيد بلو پنهور تي سجاول_ ٽنڊومحمدخان روڊ تعميراتي ڪم نه ٿيڻ خلاف روڊ ايڪشن ڪميٽي پاران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، جنهن سبب سوين گاڏيون بهيجي ويو، احتجاجي ڌرڻي ۾ شريڪ اڳواڻن رشيد آزاد، ٽنڊومحمدخان بار ڪائونسل صدر علي محمد ميمڻ، سماج سڌارڪ نصرالله سومرو، قيوم سومرو عبدالعظيم جٽ ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته سجاول کان ٽنڊومحمدخان روڊ مڪمل طور زبون ٿي ويو آهي، روڊ سنگل هئڻ ڪري سجاول کان ٽنڊومحمدخان روڊ تائين حادثا معمول بڻجي ويا آهن، ھنن چيو ته سنڌ حڪومت توڙي ٻنهي ضلعن سجاول ٽنڊومحمدخان جا ڊي سيز ۽ چونڊيل نمائندا روڊ تي ڌيان ڏئي روڊ جلد کان ڊبل ڪري تعمير ڪرائي بيچيني ختم ڪئي وڃي.