قاضي احمد (ن پ ا) قاضي احمد شهر جي علم بردار چوڪ وٽ ڪراچي کان سکر ويندڙ تيز رفتار ٽرالر روڊ ڪراس ڪندڙ موٽر سائيڪل کي زوردار ٽڪر هنيو، جنهن جي نتيجي ۾ موٽر اسائيڪل سوار شير محمد ڪالوني واسي روشن ڪليار ٿڏي تي فوت ٿي ويو، اطلاع تي پوليس حادثي واري هنڌ پهچي همراهه جو لاش اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، همراهه جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.