خيرپور (رپورٽر) ضلعي انتظاميا ۽ سوشل فاريسٽري ڊويزن خيرپور پاران بلاول ڀٽو زرداري پارڪ ۾ گلن جي نمائش منعقد ڪئي وئي. نمائش جو افتتاح ڊپٽي ڪمشنر ڊاڪٽر شرجيل نور چنا ۽ ڊويزنل فاريسٽ آفيسر هوش محمد شر ڪيو. افتتاحي تقريب کان اڳ ڊي سي خيرپور پاران قدرتي ماحول کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ جي حوالي سان پارڪ ۾ ٻوٽو پوکيو ۽ هٿ جي هنرن جي اسٽال جو دورو پڻ ڪيو. ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ڊي سي خيرپور ڊاڪٽر شرجيل نور چنا چيو ته گلن جي نمائش ۽ وڻڪاري ماحول جا ناڪاري اثر گهٽائڻ ۾ سنگ ميل ثابت ٿيندي.