حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ڊي آءِ جي پوليس جي هدايتن بعد ايس پي ڪمپلينٽ مخدوم مختيار احمد سولنگي 4 رڪني وفد سان گڏجي سماجي تنظيم جي جنرل مئنيجر لال محمد بلوچ سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران زرين بلوچ، سنجنا ساڌواڻي، نور فاطمه، انچارج آپريشن منور ڊيوڊ ۽ انچارج ويلفيئر حيدرآباد رينج انسپيڪٽر اميد علي شاهه به موجود هئا. وفد پاران سنڌ پوليس ۾ اسپيشل ماڻهن لاءِ آفيسن، عمارتن ۾ آساني سان رسائي توڙي مختص ڪوٽا تي عمل ڪرائڻ وارن معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وفد پاران آگاهي ڏني وئي ته حيدرآباد رينج ۾ مختلف هنڌن تي مقابلن دوران رينج جا 116 پوليس عملدار ۽ اهلڪار جسماني معذوري جو شڪار ٿيا آهن جن ۾ 3 اسسٽنٽ سب انسپيڪٽر، 6 هيڊ ڪانسٽيبل ۽ 107 پوليس ڪانسٽيبل شامل آهن جنهن لاءِ آگاهي سيشن منعقد ڪيا ويندا ته جيئن هو معاشري ۾ آزاد طريقي سان زندگي گذاري سگهن. ايس پي ڪمپلينٽ مختيار احمد سولنگي چيو ته زندگي ۾ ڪجهه ڪرڻ لاءِ جسماني معذوري رڪاوٽ نٿي بڻجي سگهي ڇاڪاڻ ته اسپيشل ماڻهو به معاشري جي ٻين ماڻهن جيان ڪنهن به طرح صلاحيتن کان گهٽ نه آهن اهي سمورن شعبن سان گڏ راندين جي سرگرمين ۾ به پنهنجي صلاحيتن جا جوهر پيا ڏيکارين. هن چيو ته مختلف هنڌن تي ڏوهارين سان مقابلن دوران جسماني معذوري جو شڪار پوليس عملدارن ۽ اهلڪارن لاءِ تربيتي ڪلاسن جو آغاز شروع ڪيو ويو آهي.