ٽنڊوالهيار (ن پ ا) جاپان انٽرنيشنل ڪوآپريشن ايجنسي ( JICA) جي پنج رڪني ٽيم مسٽر ڪين سوڪي اوشيما جي اڳواڻي ۾ ٽنڊو الهيار پهتي.  ٽيم ايگريڪلچرل آفيس، سبزين جا باغ، سلطانه آباد سبزي منڊي جو دورو ڪري ننڍن آبادگارن سان ملاقات ڪري انهن کان تفصيلي بريفنگ ورتي.  ان موقعي تي ٽيم جي سربراهه مسٽر ڪين سوڪي اوشيما چيو ته اسان سنڌ ۾ رهندڙ ننڍن آبادگارن جا مسئلا ٻڌي انهن کي ٽيڪنيڪل طريقي سان بهتري آڻڻ جون ڪوششون ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته اسان هنن کي مڇي ڪونه ڏينداسين پر مڇي جهلڻ جا طريقا پڻ ٻڌائينداسين جيئن بهترکان بهتر ڪم ڪري وڌيڪ ناڻو ڪمائين اسان هنن جي پئسن جي مد ۾ ڪابه مدد نه ڪنداسين بلڪه انهن کي بهتر کان بهتر ڪم ڪرڻ جا طريقا سمجهائينداسين.ان موقعي تي ڊويزنل ڊائريڪٽر اسلام الدين راجپوت، ايڊيشنل ڊائريڪٽر زراعت توسيع کاتو ٽنڊوالهيار لکي محمد بوزدار، ڊپٽي ڊائريڪٽر غلام مصطفي لنڊ، ڊائريڪٽر مئنيجر ڪراپ سنڌ رفيق رائو، ابرار احمد مجيداڻو، زراعت کاتي ۽ مارڪيٽ ڪميٽي جا آفسر موجود هئا.