ٽنڊو محمد خان (رپورٽر) ٽنڊو محمد خان ۾ 1970 ۾ ٺهيل مڇي مارڪيٽ جي عمارت جي ڇت ڌماڪي سان ڪري پئي، ان سلسلي ۾ واپارين نانا ساٽي ، محمد بچل هالو ، محمد قاسم ۽ ٻين پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته وڏي گوشت ۽ ننڍي گوشت جون مارڪيٽون ميونسپل ڪميٽي جي عملدارن ڊاهي اتي دڪان تعمير ڪرائي مسواڙن تي واپارين کي ڏيئي ڇڏيا آهن ، خدشو آهي ته مڇي مارڪيٽ سان به اهڙو ئي حشر ڪيو ويندو، هنن مطالبو ڪيو آهي ته مڇي مارڪيٽ جي بلڊنگ نئين سر تعمير ڪرائي ڏني وڃي ٻي صورت ۾ واپاري ميونسپل انتظاميه خلاف سخت احتجاج ڪرڻ تي مجبور هوندا. ٻي پاسي سي ايم او اعجاز ملاح رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته مڇي مارڪيٽ جي عمارت جي نئين سر مرمت لاءِ ايندڙ بجيٽ ۾ ٽينڊر پاس ڪرايو ويندو .