شھدادڪوٽ (سٽي رپورٽر) شھدادڪوٽ ۾ بدامني خلاف ايس ٽي پي جي سڏ تي شهرين احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ۽ علامتي بک هڙتال ڪئي، ان ڏس ۾ امداد سومرو، فاروق سومرو، زاھد مگسي، اسامه ڪمبوهه ۽ ٻيا بک هڙتال تي ويٺا، اڳواڻن چيو ته شهر ۾ ڏوهه معمول بڻيل آهن، جڏهن ته پوليس ڏوهارين خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، هنن چيو ته بدامني سبب شهري پاڻ کي غيرمحفوظ سمجهي رهيا آهن، هنن امن ڪرائڻ جي گهر ڪئي.