هالا(ن پ ا) سروري جماعت جي روحاني پيشوا مخدوم جميل الزمان ايم.6 موٽر وي ميگا ڪرپشن اسڪينڊل جي معاملي تي چيو آهي ته سکر-حيدرآباد موٽر وي منصوبي جي ايتري وڏي رقم سنڌ بئنڪ مان ڪيئن ڪڍي وئي؟ ان جي انڪوائري ٿيڻ گهرجي. معاملي تي مخدوم هائوس کي نشانو بڻايو پيو وڃي. ميگا ڪرپشن واقعي جي جاچ ٿيڻ گهرجي ۽ جيڪو به ڪرپشن ۾ ملوث آهي. ان خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي، ڪوآرڊينيٽر اسلم پيرزاده جي حفاظتي ضمانت تي هن چيو ته اسلم پيرزادي کي پهرين ضمانت نه ڪرائڻ گهرجي ها، جيڪڏهن هو مون سان صلاح ڪري ها کيس حفاظتي ضمانت وٺڻ نه ڏيان ها، اسان کي ملڪ جي قانون ۽ عدليه تي پورو يقين آهي ته هو صحيح فيصلو ڪندا. مٽياري ميگا ڪرپشن جي واقعي جي انڪوائري ڪري اصل جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو، هن وڌيڪ چيو ته اڄ بابا جي ورسي جي موقعي تي ذاتي ڪردار ڪشي ڪندڙن کي معاف ڪريان ٿو ۽ عقيدتمندن کي سندس خلاف ڳالهائڻ کان منع ڪيو آهي. هڪ سوال تي هن چيو ته خاندان جي ناراضگي سٺي ۽ ناراضگي حسن آهي.