ڪنب (ن پ ا) ڪنب ويجهو ڏيڍ مهينو اڳ اغوا ٿي ويل رٽائرڊ فوجي بازياب ٿي گهر پهچي ويو. خيرپور پوليس جي دعويٰ موجب ڪنب پوليس ۽ ڪنڌڪوٽ ڪشمور پوليس گڏيل ڪارروائي ڪري ڳوٺ غلام محمد بڙدي واسي رٽائرڊ فوجي مريد عباس بڙديءَ کي بازياب ڪرائي ورتو آھي، جنهن کي ڏوهاري جيئند جاگيراڻيءَ عورتاڻي آواز تي هرکائي اغوا ڪيو هو. واضح رهي ته ڏيڍ مهينو اڳ اغوا ٿي ويل مريد عباس بڙدي جي بازيابي لاءِ اغوا ڪندڙن پاران 50 لک ڀنگ طلب ڪيو ويو هو. ٻئي طرف بازياب ٿيل جي ڀاءُ مريد حيدر موجب مريد عباس دوستن سان ملڻ ڪنڌڪوٽ ويو هو، جتان کيس ڌاڙيل اغوا ڪري ويا هئا. نوجوان جي بازيابي بعد وارثن ۾ خوشي جي لهر پکڙجي وئي.