حيدرآباد /مٽياري(نمائندا) ايم سڪس موٽر وي ڪرپشن اسڪينڊل جي جاچ لاءِ جي آءِ ٽي مٽياري جو دورو ڪيو ۽ حيدرآباد ۾ اجلاس منعقد ڪري اهم فيصلا ڪيا ويا. ان ڏس ۾ مليل ڄاڻ موجب اينٽي ڪرپشن جي چيئرمين جي سربراهي ۾ جي اءِ ٽي جو حيدرآباد ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پوليس جي جاچ ونگس ۽ مختلف ايجنسين جون خدمتون ۽ مدد وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اينٽي ڪرپشن جي چيئرمين ڊاڪٽر محمد نواز شيخ ۽ ڊائريڪٽر شهزاد فضل عباسي اينٽي ڪرپشن جي آفيسرن سان ملاقاتون ڪيون ۽ ڪيس ۾ اڳڀرائي بابت بريفنگ ورتي. جي آءِ ٽي جي اجلاس ۾ اين ايچ اي پاران ايم سڪس موٽر وي جي مد ۾ جاري ڪيل فنڊن ۽ زميندارن کي فراهم ڪيل رقمن جي رڪارڊ جو به جائزو ورتي ويو. ان موقعي تي روينيو کاتي کي رڪارڊ جي وڌيڪ ڇنڊ ڇاڻ جي به هدايت ڪئي وئي. ٻئي پاسي اڳوڻي ڊي سي عدنان رشيد کي رمانڊ لاءِ حيدرآباد جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. پوليس اينٽي ڪرپشن عدالت کي درخواست ڪئي ته اڳوڻي ڊي سي کان ايم 6 سکر- حيدرآباد موٽروي لاءِ زمين جي خريداري جي ٿيل هڪ ارب 82 ڪروڙ رپين بابت پڇا ڳاڇا ڪرڻي آهي. سندس رمانڊ منظور ڪيو وڃي. عدالت پوليس جي درخواست منظور ڪندي کيس ٽن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي ٻيهر پوليس حوالي ڪيو.  اڳوڻي ڊپٽي ڪمشنر کي پوليس موبائل ۾ آڻي کيس هٿڪڙي سميت عدالت ۾ پيش ڪيو ويو سندس عدالت ۾ موجودگي دوران شهرين پاران چور آيو چور جا نعرا به هنيا ويا، واضح رهي ته ايم 6 موٽروي لاءِ زمين جي خريداري لاءِ رقم ۾ مبينا طور پوڻا 2 ارب رپين جي گهپلن جي انڪشاف بعد 16 نومبر جي رات اينٽي ڪرپشن پوليس ڊپٽي ڪمشنر کي گرفتار ڪري اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيو ۽ ٻئي ڏينهن سندس گرفتاري ظاهر ڪندي حيدرآباد ۾ قائم ڪرپشن جي خاتمي واري خاص عدالت ۾ رمانڊ لاءِ پيش ڪري شروعاتي طور به 3 ڏينهن جو جسماني رمانڊ حاصل ڪيو. اينٽي ڪرپشن سرڪل پوليس مٽياري جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر علي ارباب جي فرياد تي ڊپٽي ڪمشنر مٽياري عدنان رشيد، اسسٽنٽ ڪمشنر لينڊ اڪيوزيشن نيو سعيد آباد منصور عباسي ۽ سنڌ بئنڪ جي اسسٽنٽ مئنيجر طابش شاهه خلاف ڪيس داخل ٿيل آهي.