مطلب وزيراعظم ھائوس بھ محفوظ ناھي؟

0
193
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

اقتداري سياست ۽ راز جو پاڻ ۾ شروع کان گھرو تعلق رھيو آھي،پر ان جا ٽولز يا اوزار تبديل ٿيندا رھيا آھن جيئن جيئن ٽيڪنالاجي ترقي ڪري رھي آھي تيئن تيئن اھي اقتداري ويڙھھ ۾ راز فاش ٿيڻ جا بھ طريقا بھ تبديل ٿي رھيا آھن. اڳ ۾ انھن رازن جي پاسداري لاءِ انسانن تي گھڻو ڀاڙيو ويندو ھو ڇاڪاڻ تھ اھي راز ھڪ انسان کان ٻئي انسان تائين منتقل ٿيندا ھئا،ھاڻي بھ اھي راز انسان ذريعي ئي منتقل ٿين ٿا پر ٻئي انسان جي ضرورت نھ ٿي پوي.اڳي راز فاش ڪرڻ جو ڊپ انسان کي انسان مان ھوندو ھو جو اھڙيون شاعريون بھ ٿينديون ھيون تھ “تو راز ڪري فاش سڄڻ خلق کلائي” پر ھاڻي تھ خلق کلائڻ جو سبب ڪو انسان نھ پر اھڙا اوزار اچي ويا آھن جو انسان رڳو اھي راز ٻڌي يا ڏسي سگھي ٿو باقي ان کي ڦھلائڻ يا منتقل ڪرڻ جو ڪم انھي جديد ٽيڪنالاجي جي ھٿ وس آھي جنھن کي بھرحال استعمال انسان ئي ڪري ٿو. اھي راز منتقل ڪرڻ جا کوڙ جديد طريقا ۽ صورتون آھن،جنھن ۾ سوشل ميڊيا تھ وڏي ۾ وڏو ھٿيار آھي  جنھن کي ڪنٽرول ڪرڻ ڪنھن جي وس ۾ ئي نھ آھي. اڳ ھڪ ڳالھھ گھڻن ماڻھن تائين پھچائڻ لاءِ ڏينھن مھينا شايد سال لڳندا ھئا پر ھاڻي تھ سيڪنڊن ۾ سڄي دنيا تائين اھا ڳالھھ پھچائڻ ڪو مسئلو ئي ناھي، تنھن ڪري جيئن ڄاڻ جا ذريعا تي ۽ جديد  ٿيا آھن تيئن سازشن ۽ راز فاش ڪرڻ جا بھ طريقا انھي تيزي سان ڪم ڪري رھيا آھن پاڪستان جي اقتداري سياست  تھ اڄڪلھھ آڊيو ۽ وڊيو ليڪس جو مرڪز بڻيل آھي.

ڪجھھ مھينن کان آڊيو وڊيو ليڪس جو ذڪر اسان جي سياست جو ڄڻ حصو بڻجي چڪو ھو ۽ ڪا بھ ڌر ان کي ڄڻ خراب نھ پئي سمجھي جنھن جي اھا وڊيو يا آڊيو ليڪ ٿيندي ھئي تھ مخالف سياسي اڳواڻ ان عمل جي مذمت يا تنقيد ڪرڻ بدران  انھي تي طنز نما تبصرا ڪندي خوشي محسوس ڪندا ھئا پر اھو نھ پئي سمجھي سگھيا يا نھ پيا سمجھن تھ اھا واردات انھن سان بھ ٿي سگھي ٿي جنھن عمل تي اھي اڄ خوش ٿي رھيا آھن. پوءِ سڀني ڏٺو تھ ڪو بھ سياسي اڳواڻ انھي کان  شايد ئي بچي  سگھيو ھجي ڪنھن نھ ڪنھن صورت ۾ انھن جون ڳالھيون آڊيو يا وڊيو ليڪ جي نالي تي ظاھر ٿيڻ لڳيون،پر سڀني کان وڌيڪ ڳڻتي جوڳي ۽ خطرناڪ ڳالھھ اھا آھي تھ وزيراعظم ھائوس بھ انھي کان محفوظ نھ ھو،ڇاڪاڻ تھ ٻن ٽن ڏينھن کان جيڪي آڊيو ليڪس ٿي رھيون آھن اھي يا تھ موجودھ وزيراعظم جون آھن يا وري اڳوڻي وزيراعظم جون آھن. انھن جون مختلف شخصيتن يا پنھنجي اسٽاف سان ڳالھيون ٿيل آھن جيڪي سوشل ميڊيا ذريعي ھر ماڻھو تائين پھچي رھيون آھن.جيڪڏھن وزيراعظم ھائوس ئي محفوظ ناھي اتان جون ڳالھيون ڪنھن بھ ذريعي ۽ ڪنھن بھ صورت ۾ ليڪ ٿي سوشل ميڊيا تي پھچي سگھن ٿيون تھ سڄي دنيا ۾ ڪھڙو پيغام ويندو ۽ جيڪي دنيا جا ملڪ آھن اھي پاڪستان کي ڪھڙي نظر سان ڏسندا؟

اسان سمجھون ٿا تھ ھن مسئلي کي نظرانداز نھ ڪرڻ گھرجي، وزيراعظم اڳ ۾ ئي ان جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آھي.ان معاملي جي تھھ تائين پھچي انھن ڪردارن کي وائکو ڪرڻ گھرجي جيڪي ان عمل ۾ ملوث آھن جن ڄاڻي واڻي اھا حرڪت ڪئي آھي ۽  جيڪڏھن اھي ڳالھيون ھيڪ ٿيون آھن  ۽ ان پٺيان ڪھڙا مقصد ھئا انھن کي بھ عوام آڏو آڻڻ گھرجي ۽ اڳتي لاءِ  وزيراعظم ھائوس کي  اھڙو فول پروف بڻايو وڃي جو اتان جي ڪا شيءَ ھيڪ ٿيڻ ممڪن نھ رھي. جيڪڏھن ھڪ ائٽمي قوت رکندڙ ملڪ جي چيف ايگزيڪيوٽو جو ھائوس ئي محفوظ نھ ھجي تھ پوءِ باقي ملڪ ۾ ٻيو ڪير محفوظ ھوندو،جيڪا ئي سڀني کان وڌيڪ ڳڻتي جوڳي ڳالھھ آھي.