آفر آرڊر کان محروم ڪشمور جا Jest اميدوار!

سيپٽمبر 2021ع ۾ ٿيندڙ ٽيسٽ کي سال اچي پورو ٿيو آهي ۽ پوري سنڌ ۾ اميدوار آفر توڙي اپائنٽمينٽ آرڊرز حاصل ڪري پنهنجي چونڊ اسڪولن ۾ نوڪري پيا ڪن، جڏهن ته سنڌ جو واحد ضلعو ڪشمور آهي جتي اميدوار انتظاميا جي سستيءَ سبب اڃا تائين آفر آرڊرز کان محروم آهن. مئي ۾ ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ کان پوءِ اميدوارن ۾ آفر آرڊرز ورهائڻا هئا پر اڃا تائين اسان جي ضلعي جي انتظاميا ڊي آر سي مڪمل ڪرڻ ۾ به ناڪام رهي آهي. وزير تعليم توڙي سيڪريٽري تعليم بار بار ڊائريڪٽرز توڙي ڊي اي اوز کي وارننگز ڏيڻ ۾ پورا آهن پر اسان جي ضلعي جا آفيسر کين آرڊر يا وارننگ کي ٻڌو اڻ ٻڌو ٿا ڪري ڇڏين يا کين گاھ به نٿا وجهن. ڊي ايس سي جي مختلف ميمبرن پاران ڊي آر سي تي صحيح ڪري ڇڏي آهي پر Adc1 محترم اياز سومرو صاحب ڊي آر سي تي صحيح ڪرڻ کان انڪاري آهن، سندن چوڻ آهي ته لسٽ ۾ گهٽ مارڪن وارن کي گھڻيون مارڪن وارن کان اڳتي رکيو ويو آهي. سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا اهو اڄ ڪلھ جي دور ۾ ممڪن آهي جڏهن ته هر ماڻهو وٽ لسٽ ۽ رزلٽ موجود آهي ڪير پنهنجو حق ايئن ڪنهن ٻئي کي کائڻ ڏيندو؟ جيڪڏهن ايئن انتظامي ڪيو به آهي ته اهي نالا لسٽ مان خارج ڪري ٻين اميدوارن جي لسٽ مڪمل ڪجي ته جيئن نوجوان روزگار حاصل ڪري سگهن ته جيئن ضلعي جي اسڪولن اندر استادن جي کوٽ ختم ٿي سگهي. ٻيو سبب Adc1 صاحب جي موجب ته اميدوارن کي يوسي بيسڊ نه جڏهن ته تعلقي بيسڊ ايڊجسٽ ڪيو ويو آهي، سائين کي گذارش آهي ته نئين پاليسي موجب اميدوارن کي تعلقي سطح تي اپائنٽ ڪرڻو آهي. اميد ٿي ڪجي ته اسان جو هي آواز وزير تعليم سردار شاھ، سيڪريٽري تعليم اڪبر لغاري صاحب، ڊائريڪٽر سيڪنڊري عبدالعزيز چاچڙ صاحب تائين پهچندو ۽ اهي ڊي اي او سيڪنڊري ۽ Adc1 اياز احمد سومري صاحب کي هدايت ڪندا ته جيئن جلد کان جلد اهي آفرز جاري ڪري نوجوانن مان بيچيني ختم ڪندا. سيڪريٽري صاحب کي گذارش آهي ته اهي هن درد جو تدارڪ ڪن، واڪا ڪرڻ مون وس ٻڌڻ ڪم ٻروچ جو.

عرفان علي مهر/ ڪشمور

منهنجي ماروئڙن جون اکڙيون اداسيءَ جي اڱڻ تي اڪيليون!‎‎

منهنجي سنڌ جي ماروئڙن ته پنهنجي تڪليفن کي مقدر سمجهي ايئن جيئن پيا جيئن ڪو عمر قيد جو جيلي جيل جي چوديواريءَ کي مقدر سجهي پنهنجي زندگيءَ جا بچيل ڏينهن پيو گذاريندو آهي پر مان سمجهان ٿو ته ان کان به وڌيڪ ڏکي ۽ ڪٺن زندگي گذارين پيا. امير سنڌ جا اٻوجھ ماڻهو، هن قيد جي زندگي جيل جي چوديواريءَ ۾ ساھ جي آخري گهڙيءَ تائين محفوظ آهي پر هنن ماروئڙن جي زندگي هر وقت اذيتن جي داءُ تي هر وقت ٽنگيل رهي ٿي. هاڻي هنن ماروئڙن اذيتن اولاد جيان پالين ٿيون، پر هن ملڪ جي بيرحم حڪمرانن کي ڪا ڪھل نٿي اچي. هن حڪومت کي ڇڏيو پر مخالف ڌر به پنهنجو ڪردار ادا ادا نٿي ڪري هن ڏکي گهڙي ۾ مان سمجهان ٿو ته جي مخالف ڌر هن وقت پنهنجو ڪردار ادا ڪري پنھنجي سياست چمڪائڻ لاءِ ته ايندڙ حڪومت ان مخالف پارٽي جي ٿي سگهي ٿي ڇو جو هي عوام اليڪشن جي وقت اهو ضرور سوچيندي ته جيڪا پارٽي اسان ڏکي گهڙي ۾ ڪم آئي، هاڻي اسان ان جي ڪم اينداسين. سلام آهي سنڌ جي نوجوانن کي جيڪي ڏکي گهڙي هر وقت منهنجي ماروئڙن سان ايئن گڏ هيا جيئن ماءُ پنهنجي ٻچن سان گڏ هوندي آهي. هنن نوجوانن جو جيڪو حال هو جيڪا ٿي سگھين سان مدد منهنجي ماروئڙن جي جھوليءَ ۾ اچي رکين.  هي وقت پنهنجن کي پنهنجو ڪرڻ جو جيڪي وڏيون آٿتون ڏيندا هئا افسوس جو اهي هن ڏکي گهڙي ۾ وري بيٺل آهن، اهي وعدا اهي دلاسا به ڪوڙا هئا، هر آٿت هر ڪوڙي دلاسي کي يقين سمجهي منهنجا ماروئڙا وري به هنن ظالمن کي ووٽ ڏئي وري نئين اميد رکن ٿا. هنن ظالمن جا پنهنجا ٻچڙا دربدر ٿين ها ڇا هي ايئن زندگي گذارين ها جيئن منهنجي سنڌ جا مسڪين ماڻهو زندگي گذارين ٿا؟ توهان هن ملڪ کي ٺهڻ کان وٺي هيئنر تائين ڪيتريون جانيون جيترو نقصان هنن غريبن جو ٿيو آهي، ڇا اوترو نقصان هنن زهزن حڪمرانن جو ٿيو آهي؟ هنن حڪمرانن ملڪ ٺهڻ کان وٺي هن وقت تائين هنن غريب ماڻهن کي صرف ڪيڙا ماڪوڙا سمجهن ٿا، هنن ذهنن ۾ معتبري جو ڀوت سمايل هوندو آهي، هنن اسان کي سڀني کان حق کاڌا آهن ۽ وري اسان ڪوڙا دلاسا ڏيندي چوندا آهن توهان کي توهان جا حق ضرور ملندا، هنن جي دلاسن مان هن عوام کي سوائي ڪوڙن دلاسن جي ڪجھ ناهي مليو نه ئي ملڻو آهي پر افسوس هنن ماروئڙن جي اداس اکڙين ۾ ڪير به جهاتي پائڻ وارو ڪونهي.

صدام سنڌي/پيروسڻ

سپريم ڪورٽ ۾ منعقد بين الاقومي جڊيشل ڪانفرنس!

بين الاقوامي جڊيشل ڪانفرنس ۾ سپريم ڪورٽ جي سربراهه جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته بنيادي نقطا اهڙي حقيت آهن جن کي تسليم سڀ ڪندا آهن. سپريم ڪورٽ ۾ ڪرايل ٻه ڏينهن جي ڪانفرنس جي پڄاڻيءَ واري سيشن کي خطاب ۾ چيف جسٽس چيو ته عدالت تائين سڀني جي هڪ جيتري پهچ هجي. عدالت محروم طبقي جي حقن جي تحفظ لاءِ پرعزم آهي. قانون جي حڪمراني ۽ پاڪستان جي خوشحالي لاءِ ضروري آهي ته عدليه تائين سڀني جي هڪ جيتري پهچ هجي. پوليس ۽ پراسيڪيوشن کي پنهنجي ڪارڪردگي ۽ سهڪار بهتر بڻائڻو پوندو. عدالتن ۽ بار کي جديد قانوني علم ۽ ٽيڪنالوجي سان آگاهي حاصل ڪرڻي پوندي. موجوده انصاف جي نظام ۾ فيصلن ۾ دير بابت چيف جسٽس اعتراف ڪيو ته ان نظام ۾ حتمي فيصلو ڏهاڪن ۾ ٿيندو آهي پر مسئلن جي حل جو متبادل نظام فوري انصاف ۾ مددگار ثابت هوندو. سائل کي ان مان فائدي جو مشورو ڏنو وڃي. متبادل طريقو اسان جي بنيادي عدالتي نظام تي ڪيس جو بار گهٽ ڪرڻ ۾ گهڻو سهڪاري ثابت ٿي سگهي ٿو. ان سان گڏوگڏ رياست اندر انصاف ۾ دير کي به گهٽ ڪرڻ خاطر ضروري تدبيرون اختيار ڪرڻ کپن، ڇاڪاڻ ته نظام ۾ ان خامي انصاف جي عمل کي فريادي لاءِ مايوس بڻائي ڇڏيو آهي. وڪيلن جون انگھائڻ جون اٽڪلون عدالتن مان ملڻ وارين تاريخن تي تاريخون غير ضروري بحث ذريعي معاملا الجهائڻ پوءِ فريادي کي انصاف جي حصول لاءِ هيٺين عدالتن کان اعلى عدالتن تائين اپيل تي اپيل ذريعي پهچڻ تي مجبور ڪرڻ ۽ وڪيلن جون وڏيون فيون اهڙا سبب آهن جن ڪري گهڻا مظلوم عدالت جو رخ ئي ناهن ڪندا. نظام جديد ٽيڪنالوجي جو استعمال سٺي ڪوشش آهي. سپريم ڪورٽ 7 مهينن ۾ 3300 کان وڌيڪ ڪيسن جا فيصلا ويڊيو لنڪ ذريعي ڪيا. جنهن سان وڪيل ۽ سائل جي پئسي جي به بچت ٿي. ملڪ ۾ سڀني عدالتن کي آٽو ميشن سسٽم وسيلي لنڪ ڪيو پيو وڃي. رفتار سان گهٽ خرچ ۽ انصاف فراهم ڪرڻ خاطر پارليامينٽ عدالتون ۽ بار ڪائونسل گڏيل سهڪار سان جلد سڀئي قدم عمل هيٺ آڻن.

محمد اسلم ماڪو/پنوعاقل

ملاوٽ ٿيل ۽ مهانگو کير!

ميرپورماٿيلو شهر جي هن وقت جيڪا حالت آهي اها تمام ڳڻتي جوڳي آهي. ڄڻ ته هر دڪان ۽ ريڙهي تي لٽيرو ويٺو آهي، جنهن کي جيترو وڻي اهو اگھه وٺي ٿو وٺي. اتي اوهان کي کير جا ڇرڪائيندڙ اگھن تي ملندو، اسان جي پاڙي ۾ مالوند ويٺل آهن جيڪي اسان کي کير ڏيندا آهن اهي کير ۾ الائي ڪهڙو ڪيميڪل ملائيندا آهن جنهن سان اوهان جيڪڏهن چانھ پيئندو ته اوهان جي نڙي ۾ زهر لڳندو ۽ هي کير جو اگھه به پنهنجي مرضيءَ سان ڏيندا آهن، جي ڪو هنن کي صرف ايترو چوي ٿو ته اوهان جو کير خراب آهي ۽ ملاوٽ ٿيل آهي، هو قسم کڻي ويندا ته اسان جو کير ملاوٽ کان پاڪ آهي پر هي کير صحت لاءِ وڏو هاڃيڪار آهي. ٻيو جي هنن کي ٿوري به سختي ڪندئو ته اهي کير ڏيڻ بند ڪري ويندا، هاڻي في ڪلو هڪ سئو سٺ کان ستر رپين ۾ ڏين پيا جنهن سان مهيني جو ڪلو جو پنج هزار کان به مٿي ٿئي ٿو، مسڪين ماڻهو ڪاڏي وڃي؟ هر جاءِ تي هڪ مافيا ويٺي آهي، جيڪا لٽڻ ۽ ڦرڻ جي پويان آهي ۽ اسان چانھ جي نشي جا عادي ٿي ويا آهيون جنهن جو اسان مان وڃڻ وڏو ڏکيو آهي. هوٽل ڀريا پيا آهن، سنڌي کي هڪ ڀيرو ڪنهن به شيءِ تي هيرايو سموري زندگي ان جي جان نه ڇڏيندو. ٻي پاسي ضلعي انتظاميا پاران هڪ اگھه جو نوٽيفيڪيشن جاري ڪيو ويو هو، جنهن ۾ کير جي قيمت هڪ 120 رپيا مقرر ڪئي وئي آهي پر ان جي باوجود هڪ 170 ۽ 180 رپين ۾ دڪانن هوٽلن تي کير هلي پيو جيڪو ملاوٽ ٿيل هوندو آهي ڄڻ ته اسان جي شهر مان ملاوٽ کان پاڪ کير گم ڪيو ويو آهي. جي اسان ضلعي انتظاميه جي اگھه مطابق ڏسون ته مالوند کي هڪ 110 رپين ۾ ڏيڻ کپي ٿو پر هو ملاوٽ ٿيل به 150 ۾ ڏين پيا، تنهن تي پرائيس ڪنٽرول ۽ ضلعي انتظاميا کي گهرجي ته هن کير مافيا تي ايڪشن کنيو وڃي جيئن ملاوٽ کان پاڪ مناسب اگهن ۾ کير ملي سگهي.

علي حسن “احسن” چڍڙ/ ميرپورماٿيلو