مصطفيٰ ڪمال پاڻ حڪومتي پارٽي ۾ شامل ٿيڻ لاءِ رابطو ڪيو:عمران اسماعيل

0
234

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) ڪمال صاحب جو ڪمال ڪوڙ! گورنر عمران اسماعيل طرفان پي ايس پي سربراهه مصطفيٰ ڪمال جِي پي ٽي آءِ ۾ شموليت بابت بيان جِي ترديد، سنڌ جي گورنر ٽوئيٽ بيان ۾ چيو آهي ته مصطفيٰ ڪمال پاڻ حڪومتي پارٽي ۾ شامل ٿيڻ لاءِ رابطو ڪيو هو، آئون سندس گهر ڪڏهن به نه ويو آهيان، مصطفيٰ ڪمال اسان جي ليڊر لاءِ ٽپورين واري ٻولي استعمال ڪري رهيو آهي، سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ جي به مصطفيٰ ڪمال تي تنقيد، حليم عادل شيخ چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي کير ۾ مک آڻڻ نٿا گهرون، مصطفيٰ ڪمال پيپلز پارٽي جي ونگار وهي رهيو آهي، عمران اسماعيل ڪڏهن به ساڻس ملاقات ناهي ڪئي، ڪماليا جو ڪمال هاڻي نه هلندو..