کپرو (ن پ ا) کپري لڳ لوڻ کاڻ ۾ 12 ورهين جو نينگر پاڻي جي کڏ ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو. ڳوٺ لوڻ کاڻ ۾ پاڻي جي اونهي کڏ ۾ وهنجڻ دوران 12 ورهين جو عرفان ولد عالم ڪنڀر ٻڏي ويو، اطلاع تي ڳوٺاڻن پهچي کيس کڏ مان ڪڍي مقامي اسپتال آندو، جتي ڊاڪٽر عرفان جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي. لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. وارثن موجب ٻارڙن سان گڏ عرفان پاڻي جي کڏ ۾ وهنجي رهيا هئا ته هي اونهي پاڻي ۾ هليو ويو. ٻارڙن گهر اچي ٻڌايو، اسان پهچي کيس کڏ مان ڪڍي اسپتال پهچايو جنهن کان اڳ هو فوت ٿي چڪو هو.