سڪرنڊ (ن پ ا) سڪرنڊ ويجهو ڳوٺ جان محمد مگسي ۾ 45 سالن جو احمد پٽ محمد مگسي گهر اندر لائٽ ٺاهيندي ڪرنٽ لڳڻ سبب بيهوش ٿي ويو جنهن کي تعلقي اسپتال سڪرنڊ آندو ويو جتي هو فوت ٿي ويو. لاش تعلقي اسپتال سڪرنڊ مان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.