مورو (ن پ ا) موري شھر ۾ نوجوان پاران پاڻ کي باهه ڏئي آپگهات جي ڪوشش. ان سلسلي ۾ شھر جي ٻانڌي روڊ وٽ 35 سالن جو علي احمد ولد غلام رسول جتوئي پاڻ مٿان پيٽرول هاري پاڻ کي باهه ڏئي خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنھن کي مٽن مائٽن باهه وسائڻ بعد تعلقي اسپتال مورو کڻائي آيا جتي ڊاڪٽرن ٻڌايو ته نوجوان جو 60 سيڪڙو جسم سڙي ويو آھي جنھن جي نازڪ حالت هئڻ ڪري حيدرآباد منتقل ڪيو ويو آھي. وارثن ٻڌايو ته نوجوان جو ذھني توازن ٺيڪ نه آھي جنھن سبب هن ڪجهه وقت پھريان ڪارو پٿر پيتو ۽ گذريل ڏينھن به بليڊ جا وڍ ڏنا ۽ اڄ وري پاڻ ساڙيو آھي. مورو ٿاڻي تي واقعي جي اين سي داخل ڪئي وئي.