گمبٽ (ن پ ا) گمبٽ ڀرسان ڳوٺ ريڍر واسي 20 سال جي نوجوان شير جان لاشاري گھرو اڻبڻت تان ماچيس جي تيلن جو گندرف کائي آپگھات ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، وارث نوجوان کي بيهوشي واري حالت ۾ کڻي گمبٽ گمس اسپتال جي ٽرامه سينٽر ۾ پهتا، جتي ڊاڪٽرن نوجوان کي فرسٽ ايڊ ڏئي زندگي بچائي ورتي آهي. وڌيڪ نوجوان کي ٽرامه سينٽر ۾ داخل ڪري علاج ڏنو پيو وڃي.