سکر: يونيورسٽي جي رجسٽرار زاهد حسين کنڊ ٽائيم نيوز ۽ پنھنجي اخبار سان ڳالھائيندي چيو ته اسان جاچ سائنٽيفڪ وي ۾ ڪئي آهي پوليس به موجود هئي، حسين صديقي کي به گهرائي ان کان پڇيو سين. هن چيو ته يونيورسٽي ۾ مسئلا آهن، اسان کيس چيو ته اسان کي ٻڌايو ها. وڊيو وسيلي به ان ڇوڪري کي وارڊن سڃاتو. هن چيو ته اسان حسين صديقي کي نثار صديقي جي وفات بعد ڊپٽي ڊائريڪٽر طور رکيو. ڇو ته هو پنهنجي اولاد کي رکڻ نه پيو چاهي، هو يونيورسٽي جي گاڏي به استعمال نه ڪندو هو. اسان کي اعتبار نه پيو اچي اسان شاڪ ۾ هياسين.