مسڻ ( ن پ ا) مسڻ  وڏي جي ڳوٺ نبي خان ميئو راجپوت ۾ پرائمري اسڪول جي عمارت زبون هئڻ ڪري استاد ٻارن کي نٽھڻ اُس ۾ ديوين هيٺيان تعليم ڏئي رهيا آهن. شاگردن، شاگردياڻين احتجاج ڪندي چيو اسڪول جي بلڊنگ فرنيچر، چوديواري، پيئڻ جي پاڻي جي سهولت ڏني وڃي، اسان نٽھڻ اُس ۾ ديوي وٽ ويهي تعليم پرائي رهيا آهيون، ۽ سخت گرمي جي ڪري  ڪافي ڀيرا ٻارڙا بيھوش به ٿيا آهن. ڳوٺاڻن جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڊپٽي ڪمشنر ٽنڊوالهيار ولي محمد بلوچ ايم اين ذوالفقار ستار بچاڻي ايم پي اي امداد پتافي کي دانهيو آهي  پر ڪوبه تحرڪ نه ورتو ويو آھي. هنن اعليٰ اختيارين کان گهر ڪئي ته اسڪول کي سهولتون ڏنيون وڃن. جين معصوم ٻارڙا تعليم پرائي سگهن