ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ نيشنل ڪميشن فار ھيومن ڊولپمينٽ (اين سي ايچ ڊي) ۽ بيسڪ ايجوڪيشن ڪميونٽي اسڪولز ۾ پڙھائيندڙ استادن  مستقلي ۽ ٻين استادن جھڙيون سھولتون فراھم نه ڪرڻ خلاف ڪالهه هتي پريس ڪلب آڏو  مظاھرو ڪيو ويو،  ان موقعي تي استاد اڳواڻن خان محمد ملاح، مظھر چانڊيو، نصرت چاچڙ ۽ ٻين چيو ته اسان وفاقي حڪومت جي پروجيڪٽس ۾ 18 سالن کان پڙھائي رھيا آھيون پر اسان کي ريگيولر نٿو ڪيو وڃي،  تعليم کاتي پاران فڪس پگھار تي مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪشن جاري ڪيو ويو هو پر گذريل پنجن مھينن کان پگھار ادا نٿي ڪئي وڃي، هاڻ اسان پريس ڪلب کان سي ايم ھائوس ڏانھن مارچ ڪنداسين، انهي دوران تعليم کاتي جو ايڊيشنل سيڪريٽري اڪبر برھماڻي ۽ رياض سھتو پھتا،  جن استادن کي ٻڌايو ته تعليم کاتي جو سيڪريٽري اڪبر لغاري پرڏيهه ويل آھي، استاد اڳواڻ مطالبن جي حوالي سان ڳالهين لاءِ ڪاميٽي جوڙي اڄ ڳالهيون ڪن، اهڙي خاطري تي استادن سي ايم ھائوس ڏانهن وڃڻ وارو فيصلو ملتوي ڪري ڇڏيو، استاد اڳواڻن چيو ته اڄ ٿيندڙ ڳالھين دوران سندن مطالبا تسليم نه ڪيا ويا ته اھي سي ايم ھائوس ڏانهن مارچ ڪندا.