ڦل (ن پ ا)ڦل شھر جي پي پي ايڇ آئي جي بيسڪ هيلٿ يونٽ سرڪاري اسپتال جي عملي جو مريضن سان بدسلوڪي وارو رويو جاري ڳوٺ علي محمد کوسو جي رھواسين حاجي خان کوسو الھه وسايو کوسو ارباب کوسو ڦل پريس ڪلب ۾ احتجاجي مظاھرو ڪندي چيو ته اسان جي ھمراھ مريض کي کنگھه ھئي جنھن تي هنن اسپتال وارن اسان کي چيو هيو ته بلغم کڻي اچو توھان ان جي ٽيسٽ ڪنداسين ۽ ٽيسٽ جي لاءِ بلغم کڻي اچڻ لاءِ هڪ ڊٻي به ڏنائون پر اڄ جڏهن بلغم کڻي آياسين ته ليب انچارج چيو ته اسان وٽ ٽيسٽ جي سهولت ناھي ھنن چيو ته جيڪڏهن هنن وٽ ان ٽيسٽ جي سهولت نه هئي ته پوءِ اسان کي ڇا جي لاءِ آسرو ڏنائون. هنن چيو ته اسپتال جي عملي جو رويو انتھائي غير مناسب ھيو اسان سي ايم سنڌ پي پي ايڇ آء سنڌ جي جي ايم سميت ڊي ايڇ او نوشھروفيروز کان مطالبو ڪيون ٿا ته اسان مسڪينن سان انصاف ڪري عملي خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي نه ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو