مسوڀرڳڙي (ن پ ا)مسوڀرڳڙي ڀرسان مرحوم زمان دل جي ياد ۾ ناٽ آئوٽ فري ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي فائنل ۾ عباس وگھيو ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 8 اوورن ۾ 70 رنز ٺاهيون. جڏھن ته واحد بخش ڇلگري ٽيم 9 وڪيٽن جي نقصان تي هدف پورو ڪري ميچ کٽي ورتي. ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي خاص مھمان فياض دل، عبدالقيوم لغاري، ھوت خان لغاري ۽ ٻين ڪپتان واحد بخش ڇلگري کي ٽرافي ڏني، جڏھن ته ونر ۽رنر ٽيم جي سڀني رانديگرن کي ميڊل پڻ ڏنا ويا.