گهوٽڪي (رپورٽر) گهوٽڪي ۾ ٽي 20 ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ قاضي اليون کٽي ورتو. گهوٽڪي ڀرسان حاجي مولودي واري علائقي ۾ ٽي 20 ٽورنامينٽ جي فائنل ۾ قاضي اليون پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 95 رنز ٺاهيو. منگي اليون 17 اوورن ۾ 80 رنز تي آل آئوٽ ٿي وئي. قاضي اليون ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان الھورايو قاضي کي 4 ووڪيٽون وٺڻ ۽ 40 رنز اسڪور ٺاهڻ تي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.