ڪراچي(اسپورٽس نيوز) ڪرڪيٽ کان 4 سال وقفي باوجود اڳوڻي ڪپتان سرفراز احمد جي نيوزيلينڊ خلاف ٽيسٽ سيريز ۾ بهترين پرفارمنس جتي مداحن جون دليون کٽيون اتي ڪيترن ئي سوالن به جنم ورتو آهي. نجي چئنل تي ڳالهائيندي ميزبان رميز راجا کان سوال ڪيو ته 4 سالن جي وقفي کانپوءِ سرفراز جي بهترين پرفارمنس بابت اوهان ڇا چوندا؟ اهو سينيئرن کي نظر انداز ڪرڻ نه هو؟ سرفراز بابت ڪيل سوال تي رميز راجا ميزبان مٿان ڪاوڙجي پيو ۽ صحافيءَ طرفان وضاحت تي رميز راجا چيو ته اوهان سياست ڪري رهيا آهيو پر مونکي سياسي ناهي ڪرڻي، رميز راجا صحافيءَ کي چيو ته اوهان ٻيو سوال ڪيو ان سوال جو ڪهڙو مقصد آهي؟ سرفراز جي جاءِ تي مان پيڊ پهري اچان ها يا مونکي سرفراز جي جاءِ تي کيڏڻو هو، يا منهنجي ڪنهن ٻار کي کيڏڻو هو ڪنهن کي کيڏڻو هو؟ جيڪڏهن هن پرفارم ڪيو ته ان ۾ پاڪستان جو فائدو آهي، اڳتي وڌو.