ميلبرن(اسپورٽس نيوز) سال جي پهرين گرينڊ سلم ٽينس ٽورنامينٽ آسٽريلين اوپن ۾ رافيل نڊال جي شڪسٽ جي صورت ۾ پهريون اپ سيٽ ٿي ويو. عالمي نمبر ٻيو ۽ دفاعي چيمپئن رافيل نڊال کي آمريڪي رانديگر آسٽريلين اوپن جي ٻئي ئي رائونڊ ۾ شڪست ڏئي ڇڏي. سيڊ نمبر 65 مڪينزي ميڪ ڊونلڊ رافيل نڊال کي 4-6، 3-6 ۽ 5-7 تان هارايو، رافيل نڊال ميچ دوران انجري جو شڪار به ٿي ويو. ياد رهي ته رافيل نڊال لاڳيو 209 هفتا عالمي نمبر ون رهي چڪو آهي ۽ اهو 5 ڀيرا سال جي پٺاڻي تي نمبر ون رانديگر به رهيو آهي.