مدينو شريف(م ڊ) سعودي عرب جي عدالت وزيراعظم شهباز شريف جي مسجد نبوي ۾ آمد جي موقعي تي گوڙ ۽ نعريبازي ڪندڙ 6 ڄڻن کي مسجد نبوي جي توهين جي ڏوهه ۾ سزا ڏئي ڇڏي آهي. سفارتي ذريعن موجب 6 پاڪستانين تي مسجد نبوي جي توهين ڪرڻ جو ڏوهه ثابت ٿيو آهي جنهن تي ٽن ڄڻن انس، ارشاد ۽ محمد سليم کي 10-10 سال ۽ خواجه لقمان، محمد افضل ۽ غلام محمد کي 8-8 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي. سمورن جوابدارن تي 20-20 هزار ريال ڏنڊ به لڳايو ويو آهي۽ سندن موبائل فون ضبط ڪيا ويا آهن. ياد رهي ته حلف کڻڻ بعد پهرئين دوري تي مسجد نبوي ۾ پي ٽي آءِ جي حامين نعريبازي ڪئي ۽ وزيرن جا وار پٽيا ۽ کين گهٽ وڌ ڳالهايو.