اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ناڻي وزير مفتاح اسماعيل واپارين کان بجلي بلن ذريعي فڪس ٽيڪس وٺڻ واري فيصلي کي سڄي سال لاءِ ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو آهي ته واپاري برادري جي مطالبي تي ٽيڪس واپس ورتي وئي آهي، جنهن ۾ وزيراعظم شهباز شريف جي خواهش ۽ مريم نواز شريف جي راءِ به شامل آهي ته واپاري برادري کان فڪس ٽيڪس وصول ڪرڻ واري فيصلي کي سڄي سال لاءِ ملتوي ڪريون ٿا، ان حوالي سان اڄ سڄو ڏينهن آئون ۽ بجلي جو وزير خرم دستگير خان ڪم ڪندا رهياسين، دڪاندار کان فڪس ٽيڪس جي نظام کي سڄي سال  لاءِ ملتوي ڪيو، خرم دستگير خان چيو ته پراڻو نظام ٽن مهينن تائين لاڳو رهندو، ٽن مهينن کانپوءِ واپاري تنظيمن سان ويهنداسين، هن مهيني جو فڪس ٽيڪس بلن ۾ لڳي آيو هو ان کي وزيراعظم  جي هدايت تي ختم ڪري ڇڏيو آهي.