اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي کانپوءِ سينيٽ مان به حڪومت رولز معطل ڪرائي اڪثريت راءِ سان نيب آرڊيننس 1999ع ۾ ٻئين ترميم جو بل منظور ڪرائي ورتو، پيپلز پارٽي جي رضا رباني ۽ جماعت اسلامي جي مشتاق احمد پاران جلدبازي ۾ نيب ترميمي بل منظور ڪرائڻ بدران بل کي رولز تحت غور لاءِ ڪاميٽي کي موڪلڻ جو مطالبو، پي ٽي آءِ جو احتجاج، نو نو جا نعرا، جڏهن ته حڪومت پبلڪ پرائيويٽ پارنٽرشپ اٿارٽي  ايڪٽ 2017ع ۾ ترميم جو بل به منظور ڪرائي ورتو، ڪالهه سينيٽ جو اجلاس چيئرمين صادق سنجراڻي جي صدارت ۾ ٿيو،

اجلاس ۾ قانون جي مملڪتي وزير شهادت اعواڻ ايوان ۾ رولز معطل ڪري 2 ڏينهن پهريان قومي اسيمبلي پاران منظور ڪيل نيب آرڊيننس 1999ع ۾ ٻئين ترميم جي بل کي سينيٽ مان منظور ڪرڻ لاءِ پيش ڪرڻ جي اجازت گهري ته پيپلز پارٽي جي ميان رضا رباني اعتراض واريندي چيو ته جيڪي بل قومي اسيمبلي مان منظور ٿي ايندا آهن، اهي رولز مطابق سينيٽ جي لاڳاپيل ڪاميٽين کي اماڻيا ويندا آهن، هن بل جي منظوري ڪو هنگامي مامرو ناهي، ان بل کي ڪاميٽي کي موڪليو وڃي، جماعت اسلامي جي مشتاق احمد چيو ته هي نيب ترميمي بل منظور ڪرڻ ۾ جلد بازي نه ڪئي وڃي، اهو ڪاميٽي کي موڪليو وڃي، پاڪستان ۾ مسئلن ۾ آهي ۽ سهولتون ناهن، ان جو سبب ڪرپشن آهي، نيب ترميمي بل ۾ هڪ ترميم اها به شامل ڪئي وئي آهي ته هن ترميمي بل جو اطلاق 1999ع کان ڪيو پيو وڃي، اهو چورن کي تحفظ ڏيڻ ۽ غلط عمل آهي، ان بل ذريعي ايمنسٽي اسڪيمن مان فائدو وٺندڙن خلاف به نيب جو ڪارروائي جو اختيار ختم ڪيو پيو وڃي، چورن کي رستو ڏنو پيو وڃي، هي اشرافيا جي چوري ۽ ڌاڙن لاءِ قانون آهي،

بل جي منظوري بعد 50 ڪروڙن کان گهٽ ماليت جي چوري ڪرڻ تي نيب هٿ نه وجهي سگهندي. تحريڪ انصاف جي سينيٽرن نو نو جا نعرا هڻندي احتجاج شروع ڪيو، پي ٽي آءِ سينيٽر شبلي فراز چيو ته هي نيب قانون کي زيرو ڪرڻ چاهين ٿا، 50 ڪروڙ کان گهٽ ماليت جي ڪرپشن نيب جي دائري مان ڪڍي پئي وڃي ته پوءِ جن 50 ڪروڙ کان گهٽ چوريون ڪيون ۽ اهي جيل ۾ آهن انهن کي آزاد ڪيو وڃي، ان کان ته بهتر آهي ته نيب جو ادارو بند ڪيو وڃي، وفاقي ڪابينا ۾ 60 سيڪڙو وزير ضمانت تي آهن، هن ايوان کي  اهڙي قانون جي منظوري لاءِ استعمال نه ٿو ڪري سگهجي، هن قانون ذريعي تقريبن ڪرپشن کي جائز ڪيو پيو وڃي، هي بل ڪاميٽي کي موڪليو وڃي، جتي اسان ترميمون پيش ڪنداسين، ان کان اڳ منظور ڪيل بل ۾ به ترميمون آڻينداسين، ايوان جو وقار مجروح ٿي رهيو آهي پوءِ ماڻهو ڪيئن عزت ڪندا، اسيمبلي رٻڙ اسٽيمپ ٿي وئي آهي،

بنا بحث جي بل منظور ڪرائڻ ڪو طريقو ناهي، جنهن کانپوءِ قانون جي مملڪتي وزير جي مطالبي تي سينيٽ چيئرمين نيب آرڊيننس 1999ع ۾ ٻئين ترميمي بل تي منظوري لاءِ ووٽنگ جو عمل شروع ڪرايو ته ميمبرن نيب ترميمي بل کي اڪثريت سان منظور ڪري ورتو، ٻئين ترميم جو بل منظور ڪرڻ کانپوءِ نيب جا 50 ڪروڙ کان گهٽ ڪرپشن ڪيسن ۾ ڪارروائي جا اختيار ختم ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي، احتساب عدالتن ۾ ججن جي مقرري جا صدر خا اختيار ختم ڪري وفاقي حڪومت کي ڏنا ويا آهن، هاڻي نيب ڪيسن ۾ جاچ مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ريفرنس داخل ٿي سگهندو، جيڪو حتمي تصور ٿيندو،

نيب چيئرمين پراسيڪيوٽر جنرل جي مشاورت سان ڪو به ريفرنس ملتوي يا رد ڪري سگهي ٿو، جڏهن ته داخل ٿيل ريفرنس به نيب چيئرمين پراسيڪيوٽر جنرل جي مشاورت سان معطل يا واپس وٺڻ جي عدالت کي درخواست ڪري سگهندو، اهڙو ريفرنس واپس وٺڻ جي صورت ۾ جيڪڏهن ڪو ملزم چارج فريم کان بري ٿي ويندو، جيڪڏهن ڪنهن ريفرنس ۾  چارج فريم ٿيڻ کانپوءِ ريفرنس واپس ورتو ويو ته ملزم جرم کان به بري تصور ٿيندو،

جنهن کانپوءِ رٿابندي جي وفاقي وزير پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ اٿارٽي بل پيش ڪيو ته ان بل کي ته ڪاميٽي کي موڪليو وڃي، جنهن تي احسن اقبال چيو ته هي سي پيڪ منصوبن لاءِ اهم بل آهي، سکر کان حيدرآباد تائين موٽروي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنر شپ تحت ٺهڻو آهي، ان منصوبي ۽ اهڙن ٻين منصوبن لاءِ ان قانون جي منظوري ضروري آهي، ان قانون سبب مامرا متاثر ٿي رهيا آهن، نثار کهڙو چيو ته سکر حيدرآباد موٽروي سنڌ لاءِ اهم منصوبو آهي، هن بل کي منظور ڪيو وڃي، رضا رباني کي به درخواست ڪريان ٿو ته هن بل جي حمايت ڪري، جنهن کانپوءِ ان بل کي به حڪومت منظور ڪرائي ورتو.