مري سانحي مان ملندڙ سبق

0
345
2022 جي ٻوڏ جا ڪجھه اھم سبق

 قومون ۽ ملڪ تاريخ، تجربي، مشاهدي، علمي فڪر ۽ تدبر مان سکندا آهن. ڪي ملڪ ۽ ماڻهو سکڻ کان نابري واريو بيٺا هوندا آهن. جهالت، گڏيل هوڏ، ڪند ذهني ۽ حاڪمي/مالڪي واري عنصرن جي ڪري نه سکڻ جي ۽ نه ئي وري ڪجهه ڪرڻ جي صلاحيت رهجي ويندي آهي. اسان جي سياسي، سماجي، علمي، حڪومتي، رياستي ۽ ادارتي سمجهه، فهم ۽ منصوبابندي دنيا جي انهن چند ملڪن ۾ شمار ٿئي ٿي جتي آفتن/هنگامي حالتن کي منهن ڏيڻ جي سگهه بنهه گهٽ ۽ هيٺين درجي جي آهي. وقت سان گڏ ان سگهه سان لاڳاپيل حڪمت ۽ پيشيورانا صلاحيت ۽ عملي ڄاڻ پوئتي پئجي وئي آهي.

انڪري ئي اسان وٽ ڪابه ننڍي هنگامي صورتحال جلد ئي هڪ وڏي هاڃي ۾ تبديل ٿيو وڃي. برفباري جي نتيجي ۾ 21 کان مٿي انساني زندگين جو ضايع ٿيڻ ان ڳالهه جو واضح مثال آهي. آسٽريليا جي جڳ مشهور محقق پروفيسر مائيڪل ڪئنلين پنهنجي تحقيق ۾ واضح ڪيو آهي ته ڪنهن سانحي جي ٿيڻ تائين ڪيئي سبب هڪ ٻئي جي پٺيان ٿيندا ٿا رهن، حالتن کي درگذر ڪيو ويندو آهي يا اکٻوٽ ڪئي ويندي آهي تان جو هڪ وڏو حادثو/سانحو برپا ٿيو وڃي! مري ۾ موتن جو بظاهر سبب برفباري جي ڪري رستو بند ٿيڻ ۽ ماڻهن جو پنهنجي گاڏين ۾ محصور ٿي مري وڃڻ هو، پر ان کي ٿورو کولي ڏسبو ته اسان کي ڪيئي سبب هڪ ٻئي جي پٺيان /يا گڏوگڏ ٿيندي نظر ايندا:

1.پوين ڪجهه سالن کان روڊ جي مرمت نه ٿيڻ. 2. برف کي هٽائڻ وارين گاڏين جو موجود نه هجڻ. 3. ضلعي انتظاميا جي تياري نه هئڻ. 4. ٽول پلازه تي پهچندڙ گاڏين جو تعداد معلوم هجڻ باوجود ضلعي، صوبائي ۽ مرڪزي حڪومت، اين ڊي ايم اي ۽ ان سان لاڳاپيل کاتن جو هنگامي حالتن ڏانهن ويندڙ اشارن کي نه سمجهڻ ۽ ان ڪري عام ماڻهن جو حالتن جي سنگيني کي نه پرکڻ. 5. مري شهر واري ٽريفڪ پلان کي اپڊيٽ نه ڪرڻ. 6. خطري وارين حالتن ۽ علامتن کي پرکڻ واري انتظامي سگهه جي ناڪامي. 7. عارضي لالچ ۽ لوڪل پوليس، انتظامي ڌريون، هوٽل وارن جي ملي ڀڳت جي نتيجي ۾ ڪراين ۾ واڌ. 8. هڪ عام احتياطي اعلان نه ڪرڻ ته ڪنهن به صورت ۾ گاڏين جا شيشا مڪمل بند نه رکو، ان جي ڪري موت واقع ٿي سگهي ٿو. يا هنگامي حالتن ۾ (برفباري سان لاڳاپيل) ڇاڪرڻ کپي جو ڪنهن به قسم جو معلوماتي پروگرام نه هجڻ. 9. ادارن ۽ ماڻهن جي وچ ۾ تمام ڪمزور رابطاڪاري ۾ انتظاميا جو سڀن سطحن تي اهو عمل ته جيڪي ڦاٿا آهن اهي ئي منهن ڏين، ۽ 10. ايمرجنسي ٿيڻ کانپوءِ تمام سست حڪومتي ردعمل.

هنن سٽن لکڻ تائين اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اين ڊي ايم اي (نيشنل ڊزاسٽر مينيجمنٽ اٿارٽي) ۽ ضلعي/لاڳاپيل انتظاميه لاءِ ذميوار هئڻ جو چئي چڪي آهي، جيڪي 10 سبب ٿلهي ليکي بيان ڪيل آهن انهن تي ته عام حالتن ۾ به ضرور عمل ڪرڻ گهرجي پر ان مان هڪ ڳالهه جو پتو پئي ٿو ته ملڪ ۾ انتظامي ۽ ادارتي گورننس جا معيار بنهه گهٽجي چڪا آهن. ٻيو اهو ته جن ڳالهين جي نشاندهي ڪئي وئي آهي اهي ڪو وڏو گر، هنر يا پئسو نه ٿيون گهرن بلڪه انتظامڪاري جي عام سمجهه (ڪامن سينس) ۾ اچن ٿيون.

وڏن هاڃن، آفتن ۽ سانحن مان سکڻ وارو عمل انتهائي اهم آهي. ڪجهه سماجي سائنسدانن جو خيال آهي ته اهي وڏا هاڃا حقيقت ۾ قومن جون اکيون کولڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا ۽ ملڪ کي مجموعي طور تي ايندڙ آفتن کان بچاءُ ۽ انهن جا نقصان گهٽائڻ جو سبب بڻجن ٿا. پر ڪجهه ملڪ ۽ ماڻهو سکيا کان اکٻوٽ ڪريو ڇڏين ۽ نتيجي ۾ مستقبل ۾ ايندڙ آفتون وڌيڪ تباهي آڻيندڙ ثابت ٿين ٿيون. آفتن مان سبق سکڻ جي صورت ۾ ملڪن ۽ قومن جي حق ۾ ٽي مثبت نتيجا نڪرن ٿا؛

آفتن کان بچاءُ يا انهن جي نقصانن کي گهٽائي سگهجي ٿو.2

جيڪڏهن حڪومت آفتن کان بچاءُ جون پاليسيون ۽ قانون عمل ۾ صحيح نموني ۾ آڻيندي ته ملڪ ۾ آفتن سان لاڳاپيل موت گهٽائي سگهجن ٿا ۽ ان سان گڏوگڏ ٻين نقصانن ۾ پڻ گهٽتائي آڻي سگهجي ٿي.

3.جيستائين حڪومت ۽ رياستي فيصلا سازن ۽ ادارن کي ذميوار نه بڻائبو، انهن تي اثرانداز ٿي آفتن کي گهٽائڻ/بچاءُ وارين پاليسين، قانونن ۽ پراجيڪٽن تي عمل ڪرڻ لاءِ زور نه ڀربو ته حڪومت سستي ڏيکاريندي. ڪڏهن ڪڏهن ته حڪومت جي ڪن تي جونءِ نه چرندي آهي.

گڏيل قومن ۽ عالمي بئنڪ جي ڪتاب “فطري جوکم، غيرفطري هاڃا“ (Natural hazard, Un-natural Disasters) مطابق هڪ فعال رياست ۾ روڊ رستا، اسپتالون، عام ماڻهن لاءِ سواري جو نظام/پبلڪ ٽرانسپورٽ، قانون ۽ قاعدن تي عمل بهتر هوندو آهي اتي قدرتي هاڃن کان نقصان گهٽ ٿيندا آهن. ان ڪري ئي اسان کي ڏسڻ ۾ ايندو ته قانون جي پابند قومن ۾ ترقي يافته دنيا ۾ ترقي پذير ملڪن جي ڀيٽ ۾ ساڳي انداز ۽ مقدار واري آفت جي نتيجي ۾ موت ۽ ٻيا نقصان گهٽ ٿين ٿا. تحقيقون پڻ اهو ٻڌائين ٿيون ته قدرتي جوکم وارين حالتن کي انساني عمل (غيرقدرتي هٿ) جي ذريعي آفتن ۾ تبديل ڪيو وڃي ٿو.

هاڻ مهذب دنيا ۽ ڏاها هر مصيبت، آفت کي ڌڻي پاڪ جي مرضي ۽ مشيعت ( Act of God) مڃڻ لاءِ تيار نه آهن. دنيا جا ٽيئي الهامي مذهب: اسلام، عيسائيت ۽ يهوديت ۾ (۽ ٻين به ڪيترن مذهبن ۾) ڪجهه عالم سڳورن آفتن کي عذاب سان ڀيٽيو آهي. پر جيڪي غلط عمل انسان پاڻ ڪري ٿو ۽ ان جي نتيجي ۾ آفتون اچن ٿيون، ان کي ڌڻي جو ڪم ڪيئن ٿا چئي سگهون؟ مري ۾ ٿيل غيرذميواراڻي عمل جن جي نتيجي ۾ بيگناهه انسان اجل جو شڪار ٿيا، تن کي رب جي مرضي قرار ڏئي ذميوارين کان منهن نه ٿو مٽائي سگهجي. ڌڻي پاڪ جو فرمان آهي ته: جنهن ڪنهن هڪ انسان کي بچايو ڄڻ ته هن پوري انسانيت کي بچايو .

Act of God: The Un-natural History of Natural Disasters جي ليکڪ ڊاڪٽر ٽيڊ اسٽنبرگ چواڻي ته آفتن کي  “خدا جو ڪم” جو نالو ڏيڻ حقيقت ۾ ذميواري کان ڀڄڻ آهي. ۽ پنهنجو پاڻ کي/ ذميوار ادارن ۽ حڪومتن کي ان ذميواري کان آجو ڪرڻ جي برابر آهي. حقيقت ۾ انهن آفتن اچڻ ۾، انهن جي وڌيل نقصانن ۾ انسانن ۽ لاڳاپيل ادارن جو هٿ هوندو آهي. ان ۾ وقت سر تياري نه ڪرڻ، خراب رٿابندي، قانون تي عمل نه ڪرڻ، سياسي طور تي ڪمزور حڪومت هجڻ، گورننس ۽ ڪرپشن جو وڏو عمل دخل هوندو آهي. آفتن کي منهن ڏيڻ ۽ ان جي نقصانن کي گهٽائڻ لاءِ ڪجهه بنيادي تجويزون عرض ڪجن ٿيون:

1.ادارتي سگهه ۾ واڌ: آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ ادارتي ۽ قانوني ڍانچو هاڻ تبديل ٿي چڪو آهي. خاص ڪري اين ڊي ايم اي ٺهڻ کانپوءِ صوبائي ڊزاسٽر مينيجمنٽ اٿارٽي (پي ڊي ايم اي) ۽ ضلعي سطح تي ڊسٽرڪٽ ڊزاسٽر مينيجمنٽ اٿارٽي ٺهي به هاڻ 10 سالن کان مٿي ٿي چڪو آهي پر انهن ادارن ۾ ڄڻ ڏند ئي ڪونه آهن. انهن کي ميرٽ ۽ مهارت کي نظر ۾ رکندي مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي.

2.فعال بلدياتي نظام/شهري/لوڪل حڪومتون: سڄي دنيا جي فعال ۽ مهذب ملڪن ۾ بلدياتي ادارن جو آفتن کي منهن ڏيڻ ۾ اهم ڪردار هوندو آهي. انهن ادارن کي ميرٽ تي پروان چڙهڻ گهرجي. انهن تان ٿاڦيل ملازمن جو بار، تر جي سياسي اثر رسوخ رکندڙ “مقرر” معزز جي منٿلي وارو عمل ختم ڪري، انهن جي بجيٽ کي چڱي ريت خرچ ڪرڻ وارو سلسلو قائم ڪرڻ گهرجي.

3.مربوط ملڪي ۽ صوبائي رٿابندي: تعلقي کان وٺي سڀني شعبن جي رٿابندي ڪندي ضلعي، ڊويزن ۽ صوبائي سطح تي اچجي. (بهتر ته يونين ڪائونسل کان ٿيندو، پر جيڪڏهن تعلقي جي سطح تي وياسين ته بهتر رٿاببندي لاءِ اهو پڻ سٺو ٿيندو) ان رٿابندي جي نتيجي ۾ ڪم، اسڪيمون ۽ پراجيڪٽ ٺهڻ گهرجن. پي سي ون پروفارما ۾ پڻ بهتري آڻي ۽ ٻين لاڳاپيل سيڪشنز کي وجهي پرکيو وڃي.

4.ادارن جي وچ ۾ رابطو: سهڪاري ۽ گڏيل ادارتي پروگرامن کي وڌايو وڃي. ان جا ڪجهه اشارا، ٽارگيٽ ۽ گڏيل سمجهه لاءِ عملي قدم کنيا وڃن.

5.حڪومتي پاليسين کي ترجيحن کي ۽ ماڻهن جي اهنجن کي پاڻ ۾ ملائي ڏسڻ جي ضرورت آهي.

6.انگريزي جي هڪ چوڻي آهي ته An Elephant in the room ڪمري ۾ هاٿي جو هجڻ ۽ اهو ڪنهن کي نظر نه ٿو اچي. ان هاٿي جنهن جو محرڪ “پئسي جي ڏي وٺ ” آهي. ان کي گهٽائي ڪنهن ٻڪر جيترو ته ڪري سگهجي ٿو.

7.بهتر تعليمي نظام، ميرٽ، ميرٽ ۽ ميرٽ کي بنياد بڻائي جيڪڏهن ڪي قدم کڻبا ته گهڻا مسئلا حل ٿي ويندا.

[email protected]