پنج سال پراڻو اڻڇپيل انٽريو!

0
200
گلزار خليل جا گلها ۽ رنگا رنگ

 هڪ انوکو انٽرويو اوهان جي مطالعي لاءِ حاضر آهي هونئن ته هن جا هزارين تعارف آهن. سڀاڳو پٽ هو. پنهنجي اباڻي پراپرٽيءِ کي لهوارن حوالي ڪو نه ڪيائين، جيئن ساماڻو ته “آهوري فارم” زراعت جي سائنسي اوزارن سان سٿجي ويو پر هُن الائي ڇا جي ڪري ٽي سو سال اڳ واري انهي زمين جي مالڪ جي مزار تي ساليانو ڏهاڙو ڌام ڌوم سان ملهائڻ شروع ڪيو چوندو هو ته هن “تاجووليءَ” کي ڍڳيون ڌارڻ جو شوق هو. تاجپور جي نوابن وٽان ڀلا ڍڳا وٺڻ ويو ٻڙد کيس ايترا ته ٻاٻيها محسوس ٿيا جو وڃي يا ست خير..

شوق جو واقعي ڪو ليکو ۽ ملهه ته هوندو ڪو نه آهي. سماٽ قبيلي جي هن فقر پنهنجي ٻني سان ڍڳن جي سودي ۾ نواب ولي محمد خان جهڙي ڪلاسيڪي شآعر جي ڀائرن حوالي ڪري ڇڏي! هو ڇهه ڀيرا ايم پي اي رهيو پر  پگهار ڪو نه کنيائين .. سندس پارٽيءَ سان رشتو به نرالو هو ڄام صادق سان خانداني واسطا هئڻ باوجود به کيس رُکو جواب ڏنائين نتيجي طور نواب ڪانڀو خان جي لخت جگر کيس تُرم ياترا جي شرف سان نه رڳو “مشرف” ڪيائين پر واٽر به بند ڪيائين ته جيل ۾ جبري حيلن حربن سان به همڪنار ڪيائين. هن جي پارٽيءَ ۾ “چٻڙاٽو” ڪلچر جڏهن عروج تي هو ۽ بلدياتي ادارن جا وائوچر ڪراچي ۾ نقلي نموني سان پيا ٺهندا هئا تڏهن به ڇور، ڍورونارو، پٿورو ۽ عمرڪوٽ شهرن جي لوڪل فنڊ کي مورڙي جي ماڳن تي تينوال ٿيڻ هن ڪو نه ڏنو.

ويهارو سالن کان لڳندڙ اکين جي ڪئمپ  سندس حسنات کي وڌائڻ لاءِ ڪافي آهي ٽيويهين ٽي روز اها مفت واري ڪئمپ هنن سٽن جي اشاعت واري عرصي دوران آهوري ۾ هلي پئي. عمرڪوٽ کان آهوري ٽيهارو کن ڪلو ميٽرن جي پنڌ تي آهي اوٽ موٽ سٺ ڪلو ميٽرن لاءِ لاريون مريضن کي سندن همنوائن سميت مفت ۾کڻنديون آهن مريضن جي کاڌ خوراڪ لاءِ کيسي کي ڪڏهن به “ترکوٽ” حوالي ڪو نه ڪيائين هونئن ته مٿس ٻن جلدن ۾ ڪتاب به ڇپجي چڪو آهي موقعي جي مناسبت سان سنڌ جي حساس ترين موضوع تي ساڻس ٿيل گفتگوءَ کي اوهان ساڻ اورڻ جي جسارت ڪجي ٿي رهاڻ جو موضوع هو سنڌ ۾ ڌاڙيل ڪلچر جي “ڌڻيپ” ڪير ٿو ڪري ۽ ان ڪئنسر مان مهراڻ ماٿري جي مظلومن جي جند ڇُٽندي الائي نه ؟ موصوف جي جواب جو تت ۽ خلاصو هن ريت هو!

مون جيئن راڄ  ڀاڳ سنڀالڻ شروع ڪيا ته پهريون ڪم منهنجي روحاني ۽ سياسي استاد مامي شاهه مراد شاهه اهو سيکاريو ته لُچي لوفر ۽ چور ڊڊيءِ کي پنهنجي تر ۾ پير کوڙڻ نه ڏجانءِ! گر به سيکاريائين ته پنهنجا واقعا به شيئر ڪيائين اهو ڏينهن اڄوڪو ڏينهن هن مسئلي ته پنهنجي ڪنهن سان ڪا رو رعايت ڪا نه رهي آهي. ڍور ڍڳي ۽ رڍ ٻڪري جون الاهي ساريون “وراڻيون” ٿيون آهن، مينهون ۽ اُٺڙيون به سون جي تعداد ۾ ڀاڳين حوالي ڪرايوسين ڪار ۽ ڦٽڦٽيا به بنا ڀنگ جي وراياسين کرن مان کنيل اناج هجي يا ڌڻين جا سون ۽ چاندي کاٽ هڻي کنيا ويا هجن اهڙيون لاتعداد حاصلاتون آهن پر مون کي وڌيڪ فخر نياڻين ورائڻ جو آهي ان ميدان ۾ سوين سياسي حامي مخالف ٿيا هوندا پريشر به اوڏا آيا هوندا  جيتوڻيڪ پاڻ لطيف سرڪار جي ان سٽ جا ته مصداق ٿي ڪو نه سگهيا سين جنهن ۾ مرشد چوي ٿو ته:

ٻين سڀني ڏنيون

پر ڏيئي نه ڏونگراءِ

اڻ ڏٺين آڏو ڦري

ڏٺيون ڌي ڪياءِ

لوڙيون لڪ مٿاءَ

هن مٿيري موٽائيون

پروس پُڄندي ڪي پي  هجي يا راجسٿان، پنجاب هجي يا بلوچستان اهڙا سڀاويڪ ۽ سپت ڀريا قدم کڻڻ نصيب ٿيا. جن جا تفصيل “راز” ۾ رهن ته چڱو پر ٻه واقعا اشاراتي ٻوليءِ ۾ معلومات لاءِ توهان جا پڙهندڙ پڙهي ٻڌي سگهن ٿا. اسان جي پيراڻي گادي جا مريد راجسٿان ۾ به رهن ٿا هونئن مامي  شاهه مراد شاهه جا واسطا هندو مسلم موثر ماڻهن سان تمام گهڻا هئا جوڳي مڙهي (نالو بدلايل آهي) مان مانڪيو ڀاٽي ۽ نارڻو ٺڪر هڪ نياڻي اغوا ڪري ويا مون ميجر خٽڪ سان رابطو ڪيو موصوف ونگ ڪمانڊر هو رينجرس فورس جو  ۽ هوبه ڪڙڪ ماڻهو. اسان به شريف آريسر جهڙا مانڪئي ۽ نارڻي جي جوڙ جا جوڌا ميدان ۾ لاٿا همراهه…. جو تم ڪروگي سو هم ڪرين گي… جيان سير تي سوا سير جو وير وٺي آيا نيٺ جڏهن سموري بارڊر جا ٻئي پڙ ڳرا ٿيڻ لڳا ته ڌريون ڳالهين لاءِ تيار ٿيون. منهنجو نيٽ ورڪ  لڪڙ تار وارو هجي يا قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان لهه وچڙ وارو سسٽم  مضبوط رهيو آهي.

ايف آئي اي هجي يا صوبائي سروسز جا ادارا، پنهنجي هٿ جوڙ مضبوط رهي آهي ڪو به نئون آفيسر ايندو آهي ته ان سان هفتي کن اندر ڌرميلي وارا رشتا جوڙي وٺندو آهيان ڇاڪاڻ ته مونکي انهي ڳالهه جي جهڙو ڪر ستي مليل آهي ته  سماجي اوڀارن لهوارن جي حل لاءِ اوهان کي آن بورد اسٽيڪ هولڊرز جي سهڪار جي اوس ضرورت پوندي. سو اهڙوئي هڪڙو ڪيس مون “ٻانڌي” ريلوي اسٽيشن تان ٻڌرايو هو.اسان جي تر مان ڪو آوارو ماڻهو پنجاب ڏانهن ڇوڪري ڀڄايو پئي ويو. هاڻ ته سائيبرڪرائيم کان ويندي سي سي ٽي وي ڪئميرائن تائين اڻ ڳڻيا اوزار اچي ويا آهن آئون ڳالهه پيو ڪريان چاليهه سال کن اڳ جي . تن ڏينهن ۾ هندستاني ڌاڙيلن رڻ ٻاري ڏنو هو. مون اهڙن موقعن تي ڪڏهن به …هل ته اچان ٿو… ڪو نه چيو هوندو هڪ ڀيري حاجي الهداد خان کوسي اهڙي ڪنهن وهراڙي جي موقعي تي مونکي ڪمري ۾ بند ڪري ڇڏيو هو چئي… پاڻ ته ڌڻي حوالي ٿيندين پر راڄ مارائي پٽ ڪندين…    ڀوڄراجيو لڳ ڀارتي ڌاڙيلن عمرڪوٽ کان ويندڙ کيکڙا بيدردي سان پئي ڦريا مائرن ڀينرن جا زيور به لهرائي ويا آئون ڪنهن دعوت تان موٽيس پئي اتان ئي جيپ کي پويان ڏنم منهنجي گاڏي کي گوليون لڳيون همراهه ٻه اٺ ڇڏي جهنگ منهن ڪري هندستان وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا تڏهن انٽرنيشنل بائونڊري کي تارون ڪو نه لڳيون هيون.

هڪ ڀيري رينجرز جي ساٿ سان راجستاني ڌاڙيلن سان تاريخي مقابلو ٿيو هيلي ڪاپٽر به مدد طور پهتا مون ٻه ڌاڙيل نگهوسار ڪري سندن اسلحو ۽ ڪارتوس به جي او سي جي ميٽنگ ۾ سامهو آڻي رکيا ته ميجر جنرل حيران ٿي چوڻ لڳو ته شاهه صاحب تون واقعي ببر شير آهين جتي اسان جا ڪمانڊو پهچي ڪو نه سگهيا تتي توهان ڌاڙيلن سان دوبدو پئي وڙهيا. موصوف هنڌ ماڳ ڏسي آيو هو چيو مانس ته قصور ڪمانڊو جو ناهي. واري جي ساخت  ڀٽون ۽ رستا ڀئونريا ۽ لڪ اهڙا ڏکيا آهن جن بابت اڳواٽ واقفيت نه هئڻ ڪري ڪمانڊو رسي نه پيا سگهن. ايئن جڏهن مون سياست شروع ڪئي تڏهن ڪاري چانيهي.. عمر ملاح …ڪُري ٿيٻي  عباس خاصخيلي ۽ رامجي ڪولهي سميت ڌاڙيل برادرس جي بلي بلي هئي اسان جي تر ۾ پاٿاريدار به ڀوپت سنگهه لڳا پيا هئا عمرڪوٽ جا جڳ پڌرا ڊاڪٽر شيوارام ۽ ڊاڪٽر هرچند راءِ اغوا ٿيا پوءِ ته اغوا انڊسٽري ويئي ٿلهي متاري ٿيندي….  تڪبر کان سئو ڀيرا توهان شيطان مردود  جا ڪن ٻوڙا پر ڪي قدر هن انڊسٽري ۽ ڪمپني کي ڪمزور ڪرڻ ۾ مون مسڪين جو به پگهر شامل آهي.

مون کي ووٽر چوندا آهن ته ڪم سرن يا نه پر توهان جي اها مهرباني به ناقابل فراموش آهي جو آرام ۽ سڪون سان ستا پيا آهيون. آئون جانهيري کان آيس پئي زمان پنهور همراهه کي موٽرسائيڪل سميت اغوا ڪري وڃي رهيو هو مون وٽ هٿيار به ڪو نه هو. هن چيلاڙي واري لنڪ روڊ ڏانهن ڀڄڻ جي ڪئي مون به پيڇو ڪو نه ڇڏيو نيٺ ساند سڳوري کي بازياب ڪرائي ساهي کنيم، جيستائين توهان جي ٻئي سوال جو تعلق آهي تنهن بابت آئون ايئن چوندس ته سنڌ بلوچستان هجي يا راجسٿان ۽ چولستان (سرائيڪي بيلٽ) هن سموري خطي جي سماجي اخلاقيات پاٿاريدار ۽ چور کي هيرو سمجهي ٿي… پرو چانڊئي ۽ محب شيديءَ تي فلمون ٺهن ٿيون ٻلونت سنگهه ۽ پوڀت سنگهه کي ڳايو وڄايو وڃي ٿو، شيرخان ۽ شڪور يا نهڙي مڱڻهارن ڳايا آهن جنهن ديس جا ماڻهو وهراڙي تي ٻيڻو چئوڻو خرچ ڪري جڏهن پاٿاريدار وٽ پهچن ٿا ته اتي هڪ سو ماڻهو هڪ پاسي ۽ هڪڙو سماج دشمن ٻئي پاسي …مجال آهي جو اوهان ڪڏهن ٻڌو هجي ته وهراڙي وارن هڻي همراهه جا لاهه ڪڍي ڇڏيا ! سڀ هٿ ادب جا ٻڌيو ڀوتار کي چوندا ته تون صحيح ٿو چوين چور ويچاري به راتيون جاڳيون هونديون لنڊيون لتاڙيون هوندائين ڪنڊن ۽ کڏن کان ٻن مان لنگهيو هوندو کُري ۽ ڀنگ اسان جو وڏو به ڏيندو… جتي سوچ جي سطح پاپين کي پروموٽ ڪرڻ واري هجي اتي اصلاح نا ممڪن آهي. هي هيو سيد علي مردان شاهه مرهيات جيڪو رک رکاءَ ۽ منافقي واري گفتگو سکيو به ڪو نه هو!

اج کان ٻه سال اڳ هن دنيا مان گذر ڪري ويندڙ هن… همت مردان… مدد خدا…. جو نعرو هڻندڙ جوان جون ڳالهيون پاڻ پڙهيون… ڇا سنڌ مان چورا ڪاري واري چلت آڏو ڪو بند ٻڌڻ لاءِ بندوبست ممڪن آهي؟