رٽائرڊ جي توھين ناھي ٿيندي، ڀلي اھو چيف جسٽس ئي ڇو نه ھجي: جسٽس اطھر من الله

0
307
مريم نواز ۽ شاھد خاقان عباسي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) چيف جسٽس اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ جسٽس اطهر من الله چيو آھي تھ رٽائرڊ شخص جي توھين ناھي ٿيندي، ڀلي اھو رٽائرڊ ٿيندڙ چيف جسٽس ئي ڇو نھ ھجي، عدليه کي مبينا طور بدنام ڪرڻ جي الزامن بابت درخواست تي اڳڀرائي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نون ليگ جِي نائب صدر مريم نواز ۽ اڳوڻي وزير اعظم شاهد خاقان عباسي خلاف توهين عدالت جِي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو آھي

 درخواستگذار جَي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته جسٽس رٽائرڊ ثاقب خلاف جيڪي ڳالهيون پريس ڪانفرنس ۾ ڪيون ويون، اُهي توهين عدالت جَي زمري ۾ اچن ٿيون، چيف جسٽس اطهر من الله جو چوڻ هو ته مريم نواز ۽ شاهد خاقان عباسي عدليه خلاف توهين جوڳي ٻولي استعمال ڪئي، ٻنهي اڳواڻن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي

ھي به پڙھندا

ثاقب نثار ٻڌائي ته کيس ڪنهن مونکي ۽ نواز شريف کي سزا ٻڌائڻ لاءِ چيو:  مريم نواز