جي يو آءِ سنڌ پاران نوشين واقعي جي عدالتي جاچ ڪرائڻ جو مطالبو

0
340
سنڌ پوليس الرٽ ڪيو هو

لاڙڪاڻو: سيڪريٽري جنرل جي يو آءِ سنڌ  علامه راشد محمود سومرو پاران چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ نوشين شاهه جي قتل جو عدالتي جاچ جو مطالبو ڪيو آهي

راشد محمود سومري چيو ته سنڌ جون يونيورسٽيون مقتل گاهه بڻيل آهن، قتل واقعن جي جاچ ڪرڻ بدران خودڪشي جي نالو ڏئي جان نٿي ڇڏائي سگهجي

  لاڙڪاڻي جي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ شاگردياڻي نمرتا کان پوءِ نوشين شاهه جو قتل سواليه نشان آهي. هن چيو ته  نياڻين کي يونيورسٽين ۾ پڙهڻ لاءِ ڪير موڪليندو، واقعي جي جاچ لاءِ جڊيشل ڪميشن جوڙي وڃي

هن وڌيڪ چيو ته جي يو آءِ نوشين شاهه جي وارثن سان هر ممڪن تعاون ڪرڻ لاءِ تيار آهي،  جيڪڏهن قانوني مدد جي ضرورت آهي ته وڪيلن جو پينل فراهم ڪنداسين.