ثاقب نثار ٻڌائي ته کيس ڪنهن مونکي ۽ نواز شريف کي سزا ٻڌائڻ لاءِ چيو:  مريم نواز

0
286
ثاقب نثار ٻڌائي ته کيس

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي اڳواڻ مريم نواز اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي ليڪ ٿيل آڊيو کي چارج شيٽ قرار ڏئي ڇڏيو آهي. اسلام آباد ۾ پارٽي اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي مريم نواز چيو ته ثاقب نثار اڳ چيو هو ته هي آواز سندس ناهي، ثاقب نثار کي اڄ نه ته سڀاڻي سچ ٻڌائڻو پوندو.

مريم نواز چيو ته ثاقب نثار ٻڌاءِ ته عمران خان کي آڻڻ لاءِ ڪنهن چيو، توهان ٻڌايو ته نواز شريف ۽ مون کي سزا ڏيڻ لاءِ توهان کي ڪنهن مجبور ڪيو، ثاقب نثار ٻڌايو ته توهان غير قانوني قدم ڇو کڻڻ تي مجبور ٿيا ۽ ڪير هو جنهن کي چيف جسٽس طور انڪار نه ڪيو. هن چيو ته نواز شريف ۽ ن ليگ جي حق ۾ هي پنجين شاهدي آهي

عمران خان کي چيو ويو ته نواز شريف خلاف درخواست اسان وٽ آڻي، پاناما ۾ 450 ماڻهن جا نالا آيا، انهن کي سزا ڏني وئي، چونڊيل وزيراعظم پٽ کان پگهار نه وٺڻ تي آفيس مان ڪڍيو ويو. هن جو چوڻ هو ته شوڪت عزيز جي شاهدي کانپوءِ ارشد ملڪ جنهن نواز شريف کي سزا ٻڌائي هئي، ان جي مون جيڪا وڊيو جاري ڪئي اها عوام جي سامهون آهي. هن چيو ته نواز شريف کي سچ ڳالهائڻ تي ٻاهر ڪڍيو ويو، جسٽس کوسا ان وقت چيو هو ته فيصلو عدليه جي منهن تي ڪارو نشان آهي

گلگت بلتستان جي جج جو حلف نامو سامهون آيو آهي جنهن ۾ هن چيو آهي ته چيف جسٽس ڪنهن کي فون ڪيو هو جنهن ۾ هن چيو ته مريم ۽ نواز شريف جي اليڪشن کان اڳ ضمانت نه ٿيڻ گهرجي. آڊيو ۽ وڊيوتکي شايد شڪ هجي پر گلگت بلتستان جو چيف جسٽس ۽ شوڪت عزيز حيات آهن، انهن کي فون ڪري ان بابت پڇو

ھي به پڙھندا

نيب رڳو استعمال ٿيڻ جو اوزار بڻيل آهي: مريم نواز