مرزاپور(ن پ ا) مرزاپور لڳ جمال پور ٿاڻي جي حد ڳوٺ منعم آباد ۾ حفيظ پٽ قيصر جوڻيجو پاڻ مٿان فائر ڪري زندگي جو انت آڻي ڇڏيو، اطلاع تي پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺي مدئجي اسپتال مان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو. پوليس موجب نوجوان گھرو معاملي تان خودڪشي ڪئي آهي، وڌيڪ جاچ ڪريو پيا وارثن موجب نوجوان معمولي ڳالهه تان ڪاوڙجي خودڪشي ڪئي آهي.