حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته سنڌ ڪنهن به صورت ۾ هن سازشي آدمشماري جي نتيجن کي قبول نه ڪندي. پيپلزپارٽي جي سرڪار سنڌ سان سدائين دوکا ڪيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن حيدرآباد ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن کي خطاب ڪندي ڪيو. ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته سنڌ اڃا تائين ٻوڏ واري صورتحال مان ناهي نڪتي ۽ برسات متاثر دربدر آهن جنهن سبب انهن جي صحيح طرح سان ڳڻپ نه ٿي سگهندي، ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته سنڌ اسان کي شهباز شريف، عمران خان يا آصف زرداري ناهي ڏني. قدرت اسان کي پنهنجو وطن ڏنو آهي جنهن جي ڀرپور نموني حفاظت ڪئي ويندي.هن وڪيلن کي اپيل ڪندي چيو ته وڪيل سنڌ جي عوام سان احتجاج ۾ گڏجي ڊجيٽل آدمشماري رد ڪرائڻ لاءِ پنهنجو ڪرادر ادا ڪن.