ٽنڊومحمد خان (رپورٽر) سنڌ ۾ حڪمرانن جي غلط پاليسين، سنڌ دشمن منصوبن ، مهانگائي ، بيروزگاري  ۽ ڊجيٽل آدمشماري خلاف سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي طرفان سکر کان پيادل سنڌ مارچ قافلو حيدرآباد روڊ کان ٽنڊو محمد خان پهچي ويو، جتي ڪارڪنن جي شاندار آجيان ڪئي وئي،  پيادل سنڌ مارچ قافلو ٽنڊو محمد خان جي سيرت النبي چوڪ تي جلسي ۾ تبديل ٿي ويو، ان موقعي تي اڳواڻ روشن ٻرڙو ، امير آزاد پنهور ، پير خليل جان سرهندي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته   سنڌ جي خلاف مسلسل سازشن تحت سنڌي عوام کي بنيادي حقن کان محروم رکيو وڃي پيو ، پيپلز پارٽي جي صوبائي حڪومت ۽ اتحادي وفاقي حڪومت سنڌ جا حق ڏيارڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي، سنڌ جي وسيلن باوجود سنڌ جو مظلوم عوام ماني جي ڳڀي لاءِ پريشان آهي، اڳواڻن چيو ته  آدمشماري جي نالي ۾ سنڌين کي پنهنجي ڌرتي تي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش ڪئي وڃي پئي ، سنڌ ۾ غير قانوني پرڏيهي مستقل آباد ڪيا وڃن پيا،  هنن چيو ته  هاڻي سنڌين کي پنهنجي قسمت بدلائڻ جو پاڻ فيصلو ڪرڻو پوندو  جڏهن ته اڄ رات قافلو ٽنڊو محمد خان جي ٽنڊوسائينداد ڀرسان بيت الشهيد تي رات گذارڻ بعد وري اڳتي روانو ٿيندو.