مخدوم فضل سميت 20 ڄڻن کي نارا جيل حيدرآباد موڪلڻ جو حڪم

0
353
مخدوم فضل سميت 20 ڄڻن کي نارا جيل
مخدوم فضل سميت 20 ڄڻن کي نارا جيل حيدرآباد موڪلڻ جو حڪم

مٽياري جي عدالت ڊيوٽي اٽڪاءَ جي ڪيس ۾ گرفتار پي ٽي آءِ اڳواڻ مخدوم فضل سميت 20 ڄڻن کي نارا جيل حيدرآباد اماڻي ڇڏيو
هالا پوليس مخدوم فضل حسين ۽ ٻين کي پهرين نيو سعيد آباد جي عدالت ۾ پيش ڪيو، جج جي موڪل تي هئڻ سبب کين مٽياري جي ڪنزيومر ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو
عدالت مخدوم فضل حسين ۽ ٻين کي 12 ڏينهن جي جڊيشل رمانڊ تي جيل اماڻي ڇڏيو
مخدوم فضل ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته گرفتارين کان ڊڄڻ وارا نه آهيون، ڪوڙا ڪيس داخل ڪري اسان جا حوصلا ڪمزور نه ٿا ڪري سگهو
هن چيو ته ڪيترا به ڪيس داخل ڪيو پر عمران خان جو ساٿ نه ڇڏينداسين

ھي به پڙھندا

هالا: مخدوم فضل سميت 25 ڄڻن خلاف ڊيوٽي اٽڪاءَ جو هڪ وڌيڪ ڪيس داخل: رمانڊ منظور

هالا ۾ مخدوم فضل جي حامين ۽ انتظاميه ۾ ڇڪتاڻ: لٺبازي:گرفتاريون

جي ڊي اي اڳواڻ مخدوم فضل حسين پاران پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿيڻ جو امڪان!

مٽياري ضلعي مان پاڻي نيڪال تان تڪرار نه نبريو: گرفتار مخدوم فضل ۽ ٻين تي وڌيڪ 2 ڪيس