نيوسعيدآباد/ هالا(نمائندا) برساتي پاڻي مارک واھ ذريعي نيڪال ڪرڻ تان ضلعي انتظاميا ۽ پي ٽي آء اڳواڻ مخدوم فضل حسين وچم  تڪرار  سبب گرفتار مخدوم فضل حسين سندس پٽ مخدوم محسن ڀائيٽيي ميونسپل ڪميٽي ھالا جي اڳوڻي چئرمين مخدوم عمار حيدر کي سندس 15حامين سميت عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. جوابدارن کي نيوسعيدآباد پوليس ريمانڊ لاء سول جج ۽ جوڊيشنل ميجسٽريٽ نيوسعيدآباد ۾ پيش ڪيو. عدالت کين ٻن ڏينھن جي ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي. ان موقعي تي مخدوم فضل حسين صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته اسان کي انتقامي ڪاروائي جو نشانو بڻايو پيو وڃي پر اسان ڊڄڻ وارا ناھيون. اسان عمران خان سان گڏ آھيون ۽ رھنداسين. ٻئي طرف ڪالهه ھالا ٿاڻي تي به مخدوم فضل حسين سندس پٽ ۽ ڀائيٽي سميت سندس حامين تي ڊيُوٽي اٽڪاءُ جو ڪيس به داخل ڪيو ويو آهي. ڪيس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پي ٽي آئي اڳواڻن تي سعيدآباد ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو ھو جنھن بعد اسان کين گرفتار ڪرڻ لاءِ سندن پيٽرول پمپ تي پھتاسين ته پي ٽي آئي اڳواڻن مزاحمت ڪندي اسان کي ڌڪا ڏنا ۽ ايس ايڇ او ھالا حاجي ٺارو خان ڀٽي جي گلي ۾ ھٿ وجھي کيس ڌڪا ڏنا . جڏهن ته پيٽرول پمپ تي موجود ماڻھن ھنگامو ڪندي جوابدارن کي ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي. اھڙي صورتحال بعد ۽ اعلي آفيسرن جي حڪم تي پي ٽي آئي اڳواڻن مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته هالا ٿاڻي تي پي ٽي آئي اڳواڻ مخدوم فضل، مخدوم عمارحيدر، مخدوم محسن تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. واضح رھي ته ضلعي انتظاميا ۽ مخدوم فضل وچم چئن يوسين مان برساتي پاڻي نيڪال واري مارک واھ منصوبي تان تڪرار ٿيو ھو مبينا طور مخدوم فضل حسين ڪرين ۽ ماڻھن جي مدد سان پائيپ ۽ موري ٽوڙي ھئي، ٻيھر ٺاھڻ جي اطلاع تي سندس ماڻھو وري اچي رھيا ھئا ته پوري ضلعي مان پوليس نفري ۽ رينجرس گھرائي کين روڪيو ويو ھو ۽ ڏھ کان مٿي سندس ماڻھو گرفتار ڪيا ھئا بعد ۾ مٿس ڪيس داخل ڪري کيس ھالا ڀرسان سندس پيٽرول پمپ تان گرفتار ڪيو ويو ھو ان دوران چڪرين دوران ڇھ ڄڻا زخمي به ٿيا ھئا.