هالا: مخدوم فضل سميت 25 ڄڻن خلاف ڊيوٽي اٽڪاءَ جو هڪ وڌيڪ ڪيس داخل: رمانڊ منظور

0
283

هالا پوليس پي ٽي آءِ جي گرفتار ڪيل اڳواڻ مخدوم فضل سميت 25 ڄڻن خلاف ڊيوٽي اٽڪاءَ جو هڪ وڌيڪ ڪيس داخل ڪري ورتو

نيوسعيد آباد جي عدالت گرفتار پي ٽي آءِ اڳواڻن سوڌو15ڄڻن کي ٻن ڏينھن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو

سول جج ۽ جڊيشنل مئجسٽريٽ نيو سعيدآباد جي عدالت ۾ گرفتار پي ٽي آءِ اڳواڻن کي پوليس پيش ڪيو

عدالت پي ٽي آءِ اڳواڻ مخدوم فضل حسين سميت 15ڄڻن کي ٻن ڏينھن جي ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو

گذريل ڏينهن مارک شاخ ذريعي پاڻي نيڪال ڪرڻ تان انتظاميا ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن ۾ منهن ماري بعد رينجرز کي به طلب ڪيو ويو هو

گذريل ڏينهن مخدوم فضل، محسن ۽ عمار حيدر سوڌو 8 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو هو،  22ڄڻن خلاف نيوسعيدآباد ٿاڻي تي ڪيس به داخل ڪيو ويو هو

ڊي سي مٽياري جو چوڻ آهي ته ٻوڏ جو پاڻي نيڪال ڪرڻ دوران مخدوم فضل ۽ سندس ماڻهن رنڊڪون وڌيون

مخدوم فضل جو چوڻ آهي ته اسان فصلن کي پاڻي ڏيڻ لاءِ پنهنجي ذاتي شاخ کولي ته ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن