هالا ۾ مخدوم فضل جي حامين ۽ انتظاميه ۾ ڇڪتاڻ: لٺبازي:گرفتاريون

0
307

هالا ۾ تڪراري شاخ کولرائڻ تان پي ٽي آءِ اڳواڻ مخدوم فضل جي حامين ۽ مقامي انتظاميه ۾ ڇڪتاڻ ٿي آهي، جڏهن ته پوليس لٺبازي به ڪئي آهي

ڇڪتاڻ بعد مٽياري پوليس پي ٽي آءِ اڳواڻ  مخدوم فضل جي پيٽرول پمپ جو گهيراءُ ڪري ورتو، مخدوم فضل، سندس پٽ مخدوم محسن، اڳوڻي ناظم مخدوم عمار حيدر سميت هڪ درجن کان وڌيڪ اڳواڻ گرفتار ڪيا ويا آهن

گرفتاري دوران مخدوم فضل جي ماڻهن ۽ پوليس ۾ ڇڪتاڻ توڙي پوليس جي لٺبازي ۾ 6 ڄڻا زخمي به ٻڌايا پيا وڃن، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي

گرفتار ٿيلن ۾ مخدوم فضل جا مئنيجر گل ساريو، نواز کماڻ، گارڊ شهاب ميمڻ، آصف حاجاڻو به شامل آهن

پي ٽي آءِ اڳواڻ مخدوم فضل چيو ته مخالفن منهنجي ذاتي شاخ کي زبردستي بند ڪرائڻ چاهين ٿا، ڪجهه به ٿي پوي، پنهنجا حق وٺي رهنداسين