محرابپور (ن پ ا) محرابپور ۾ ( کهنبي) جو قديمي ماتمي جلوس فجر  محل حويلي حسين شاھ سوز تان پنهنجي روايتي انداز برآمد ٿيو، جلوس پنهنجي مقرر روٽ سان ٿيندو  شهر جي مرڪزي امام بارگاھ انجمن نوجوانان شيعه پهتو، قديمي جلوس حسيني چوڪ تي پهتو، جتي نوحاخواني تي عزادارن پاران سينا زني ڪئي وئي، جلوس شاهي بازار عبور ڪري جڏهن چاڪين جي پڙ تي پهتو ته عزادارن پاران گرزن، چاڪن ۽ زنجيرن سان ماتم ڪيو ويو، جنهن ۾ سوين عزادار زخمي ٿيا، ان بعد جلوس پنهنجي مقرر روٽ سان ٿيندو زوار عبداللطيف ملاح جي رهائشگاھ پهتو جتي عزادارن کي نياز  ڪرايو ويو، جڏهن ته هڪ ٻيو جلوس مجلس عزا انجمن فروغ عزاداري پاران جاگير مهدي عه مان ڪڍيو ويو جيڪو پڻ پنهنجي مقرر رستن سان ٿيندو، واپس جاگير مهدي عه ۾ اختتام پذير ٿيو، جلوسن جي وقت سڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا.