مٽياري (رپورٽر) مٽياري ۾ تاريخي ماتمي جلوس بر آمد ڪيا ويا، هر طرف  يا حسين عليه السلام جون صدائون بلند، 15 کان مٿي ذوالجناح سان گڏ قافلا نڪتا، سيڪيورٽي هاءِ الرٽ، ملڪ جو مشهور نوح خوان حسن صادق پهتو، ضلعي جي 169 امام بارگاهن مان 8 انتهائي حساس، 23 حساس ۽ 138 نارمل قرار ڏنيو ويون آهن، ان ڏس ۾ ايس ايس پي مٽياري محمد ڪليم ملڪ جو چوڻ آهي ته يوم عاشورا تي پوليس سان گڏ، پاڪ فوج، رينجرس کي به مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ضلعي ۾ 169 هنڌن تان ماتمي جلوس بر آمد ٿيندا، 44 مجلسون برپا ٿينديون، مٽياري ۽ ڀٽ شاهه ۾ باهه تي ماتم پڻ ٿيندو، وڏن مجلسن، جلوسن جي وڊيو رڪارڊنگ پڻ ڪئي ويندي،ضلعي جي مختلف هنڌن تي سي سي ٽي وي ڪئميرائون پڻ نصب ڪيون ويون آهن، ضلعي ۾ نائين ۽ ڏهين محرم تي موبائل فون بند رکڻ جي به سفارش ڪئي وئي آهي، جڏهن ته مين وڏين مجلسن ۽ جلوسن جي نگراني ڪرڻ لاءِ وڊيو رڪارڊنگ پڻ ڪئي ويندي، ۽ ان سان گڏ وڏن مجلسن ۽ باهه جي ماتم دوران واڪ ٿرو گيٽ نصب ڪري عزادارن کي داخلا اتان ڏني ويندي، ضلعي ۾ عاشوري ڏهاڙي تي 2100 کان مٿي پوليس نفري مقرر ڪئي ويندي، ۽ ان سان گڏ پاڪ فوج کي به طلب ڪيو ويو آهي ۽ رينجرس کي به ضلعي مقرر هوندي.