ڀٽ شاهه (ن پ ا) ڀٽ شاھ ۾ محرم الحرام جي سلسلي ۾ ‘ امان اصغر وڃي   ٿو ورائي ورائي ‘ جي صدائن سان معصوم علي اصغر جو جھولو برآمد ڪيو ويو. جڏهن ته اڄ 8 محرم الحرام جي رات ٽانڊن تي ماتم ڪيو ويندو، انجمن غلامان اھلبيت ۽ انجمن شيعان حيدرقرار خندق ڪاميٽي طرفان تعزين، ذوالجناحن، الم پاڪن، سيجن ۽ جھولن سان ماتمي جلوس برآمد ڪري درگاھ ڀٽائي تي سينا زني، نوحاخواني ۽ زنجيرن جو ماتم ڪيو ويو، جڏھن ته ھر سال جيان درگاھ ڀٽائي سجادھ نشين سيد وقار حسين شاھ لطيفي جي حويلي تان معصوم علي اصغر جو جھولو برآمد ڪيوويو ت، ھر طرف امان اصغر وڃي ٿو ورائي ورائي جي صدا بلند ٿيندي رھي.اڄ ٽانڊن جي ماتم لاء 20 فٽ ڊگھي ۽ 3 فٽ ويڪري خندق کوٽي وئي آھي جنھن ۾ 100 مڻ ڪاٺ ٻاري تلاوت ڪئي ويندي ، ٽانڊن جي ماتم لاء مختلف علائقن مان ھزارين عزادار پھچي ياحسين ياحسين جي بلند صدائن سان ٽانڊن تي ماتم ڪندا ، ٽانڊن جي تاريخي ماتم لاء پوليس جي وڏي نفري سان گڏ رينجرز جا جوان به مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيوويوآھي ، ٻي پاسي روزاني جي بنياد تي ماتمي جلوس برآمد ڪري مجلس عزا به برپا ڪئي وئي ۽ لنگر نياز توڙي سبيل جو اھتمام به ڪيوويو ،